سنڌيونيورسٽي

استاد معاشري جو نهايت قابل احترام فرد آهي، ڊاڪٽر نذير اي مغل

امام علي ڀلائي، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل ٽيچرز ڊي جي موقعي تي استادن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته استاد معاشري جو نهايت قابل احترام فرد آهي، اڄوڪي ڏهاڙي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ ۽ سندس خدمتن جي واکاڻ ڪرڻ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته دنيا وانگر سنڌي سماج به پيغمبري پيشو رکندڙن کي هميشه ياد ڪري ٿو، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي جو ان سلسلي ۾ وڏو ڪردار آهي، معاشرن کي بگاڙ کان بچائڻ جو واحد رستو تعليم آهي، اعليٰ تعليم ۽ تحقيق تي ڌيان ڏيڻ سبب سنڌ يونيورسٽي چئن سالن اندر 195 پي ايڇ ڊيز پيدا ڪيا آهن،

استاد معاشري جو نهايت قابل احترام فرد آهي، ڊاڪٽر نذير اي مغل
استاد معاشري جو نهايت قابل احترام فرد آهي، ڊاڪٽر نذير اي مغل
يونيورسٽي اندر تحقيق لاءِ 5 ڪروڙ رپيا بجيٽ مخصوص ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه هتي آرٽس فيڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ سگا پاران استادن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ روشن تارا اسڪولن جي استادن کي بيسٽ ٽيچرز ايوارڊ پڻ ڏنا ويا. ان موقعي تي ڊاڪٽر محمد يار کهاوڙ، سنڌ يونيورسٽي جو رجسٽرار غلام محمد ڀٽو، سگا جو چيئرمين ڊاڪٽر سليمان شيخ، ڊاڪٽر فهميده حسين، گل بيگ مغيري، ڊاڪٽر محمود مغل، پروفيسر غلام علي ٻرڙو، نانڪ رام ڀاٽيا، نديم ٻٽ ۽ ٻيا ڪيترائي استاد ۽ شاگرد پڻ موجود هئا. وائيس چانسيلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ سيمسٽر سسٽم تي مڪمل عمل ڪرايو ويو آهي ۽ تحقيق تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن هي مادر علمي موجوده دور ۾ تعليم سان لاڳاپيل چيلينجز جو ڀرپور مقابلو ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ يوينورسٽي جي هر استاد کي پابند بڻايو ويو آهي ته هو ڪلاس ۾ پنهنجو ليڪچر ڏيڻ کانپوءِ پنهنجي آفيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 منٽن تائين ويهي ته جيئن جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي ڪلاس روم ۾ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته هو ڪلاس ختم ٿيڻ بعد آفيس ۾ اچي لاڳاپيل استاد سان ملي سگهي. هن گذريل چئن سالن دوران آندل سڌارن جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ پهريون ڀيرو شمسي توانائي جو نظام متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن سبب رات جو بجلي بند هئڻ باوجود ڪئمپس روشن نظر ايندو آهي. هن چيو ته ڪئمپس تي پهريون ڀيرو اسپتال قائم ئي وئي آهي، جنهن ۾ ليڊي ڊاڪٽرز 24 ڪلاڪ موجود آهن، اسپتال جي قيام سان هاسٽلن تي رهندڙ شاگردياڻين، ملازمن، استادن توڙي آفيسرز جي فيملين کي طبي سهولتون ميسر ٿيون آهن ۽ هتي گهربل دوائون پڻ دستياب آهن. هن چيو ته معياري تعليم بهترين خوبي رکندڙ ۽ محنتي استادن سان واڳيل آهي، استاد جو مان مرتبو ساڳيو ئي آهي، اهو چاهي پرائمري جو هجي، سيڪنڊري، ڪاليج يا وري يونيورسٽي جو استاد هجي. هن ان موقعي تي ٽيبلوز پيش ڪندڙ روشن تارا جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ 25 هزار رپيا انعام جو اعلان پڻ ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button