ڪتاب پڙهڻ وارا ئي ليڊر ٿيندا آهن، نثار کھڙو
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سنڌ جو سينيئر صوبائي وزير تعليم نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڪتاب پڙهڻ وارا ئي ليڊر ٿيندا آهن ۽ آئي بي اي جا شاگرد خوش قسمت آهن جيڪي نثار احمد صديقي جي رهنمائي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن طالب علم قوم جو مستقبل آهن جيڪي هر چيلينجز کي منهن ڏيئي سگهن ٿا جنهن لاءِ نوجوانن کي تعليم ۽ ڪتاب پڙهڻ تي پوري توجهه ڏيڻ کپي. استاد، ماحول، معلومات ۽ دلچسپي ڪاميابي ڏانهن راغب ڪري ٿي دنيا جا وڏا وڏا ليڊر ڪتاب پڙهندڙ هئا جن پنهنجي تعليم ۽ بهتر سوچ سان دنيا ۾ وڏي تبديلي آڻي ۽ پنهنجي ملڪن کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي بي اي سکر جي آڊيٽوريم هال ۾ انٽر پرين شپ ڊولپمينٽ پروگرام جي سرٽيفڪيٽ ۽ ڪتب ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ پبلشرز ۽ ٽريننگ حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته آئي بي اي سکر ۾ ڊيجٽل لائبريري، تعليمي شعبه، استادن جو ڪردار ۽ شاگردن جو شوق ۽ ملڪ کان آيل پبلشرز جي آمد سان پڙهڻ ۾ اضافو ٿيندو جيڪا هڪ خوشي جي ڳالهه آهي تعليم جي واڌاري ۽ سٺا شاگرد پيدا ڪرڻ ۾ هن اداري جو وڏو اهم ڪردار آهي منهنجي خواهش آهي ته اهڙي طرح سڄي سنڌ ۾ تعليمي ادارا ٺاهيا وڃن جتان اسان جا نوجوان تعليم حاصل ڪري هن دنيا جي چيلينجز سان مقابلو ڪري سگهن ۽ سڄي دنيا ۾ ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن. هن چيو ته مونکي اهڙي شاگرد ۽ شاگردياڻين سان پيار آهي جيڪي تعليم کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو وقت ڪڍي ڪري تعليم کي ڏيئي رهيا آهن هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي ڪتاب پڙهڻ جو وڏو شوق هيو ڪتاب انسان جي دوست آهي ۽ ڪتاب انسان ۾ شعور ۽ جاگرتا پيدا ڪندي آهي ۽ ملڪ جي 63 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي جيڪي پنهنجي تعليم ۽ سٺي ڪردار سان هن وقت جي درپيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته مان آئي بي اي جي ڊائريڪٽر ۽ استادن کي اپيل ڪئي ته هو اهڙو پروگرام ڊزائن ڪري ڏين ته جيئن سنڌ جي اسڪولن جا استاد، هيڊماسترن کي تعليم جي فروغ ۽ تعليم جي ماحول کي بهتر ڪرڻ ۽ شاگردن کي نظم و ضبط ۽ زندگي گذارڻ جا اصول سيکارڻ ۾ حصو وٺن. آئي بي اي جنهن ريت تعليم جي فروغ ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اهڙي طرح تعليم کاتي جا اسڪول ۽ انهن جا استاد پنهنجو تعليم ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڀرپور مثبت ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هن وقت سڄي ملڪ کان آيل پبلشرز پنهنجي شهرن ۾ وڃي ڪري هن اداري ۽ سنڌ جي تعريف ڪندا ۽ ٻين کي اهو پڻ ٻڌائيندا ته سنڌ ۾ به سٺا تعليمي ادارا موجود آهن ۽ انهن ادارن ۾ سٺو ماحول بااخلاق شاگرد ۽ مهذب استاد تعليم جي واڌاري ۾ پنهنجو بهتر پيشا ورانه ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ٿي رهي آهي ۽ اسان جا نوجوان هن ٽيڪنالاجي کي استعمال تڏهن ڪري سگهندا جڏهن اهي تعليم سان لاڳاپيل هوندا. هن آخر ۾ چيو ته منهنجي دعا آهي ته هن اداري جي سهڪار سان ٻين شهرن به اهڙا ادارا کوليا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت جو مڪمل تعاون هوندو. ان کان اڳ ۾ ڊائريڪٽر آئي بي اي نثار احمد صديقي، علي اڪبر رضوي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته انٽر پرين شپ ڊولپمينٽ پروگرام ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ۽ سڄي ملڪ کان آيل ڪتابي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙ پبلشرز ۾ ايوارڊ پڻ ورهايا ويا.