آرٽيڪل

سيد امداد محمد شاهه هڪ صالح قومپرست اڳواڻ

ابو ايلسا
Sindh mapسنڌ جي سياست ۾ صالح اڳواڻن جي هڪ ڊگهي قطار آهي، جن جا نالا وٺڻ سان تاريخ جا ڪيئي دور ياد اچي وڃن ٿا، سيد امداد محمد شاهه به انهن نالن مان هڪ آهي، هو بنيادي طور تي هڪ بهترين سماج سڌارڪ هو، سياست کيس وڏڙن جي طرفان ورثي ۾ ملي، پر هن مخلص سماجي اڳواڻ ۽ اصول پرست پارلياماني سياستدان طور پنهنجي سڃاڻپ پنهنجي ڪردار ذريعي ڪرائي، سن ۾ جنهن بنگلي ۾ هن وقت سائين جلال محمود شاهه ويهندو آهي، ان بنگلي جي مرمت سائين امداد محمد شاهه ڪرائي، شام جو وقت هو ماڻهن سان ڪچهري دوران سائين امداد محمد شاهه چيو ته اسان جا وڏڙا گهڻو ڪجهه ڇڏي ويا آهن ۽ اسان لاءِ مرمت ڪرائڻ به ڏکي لڳي ٿي، پر پوءِ به نڀائي وينداسين،
”ٻري جن ٻاري، هلو تڪيا پسون تن جا“
لطيف جو شعر چئي هن وڌيڪ چيو ته اسان پنهنجو فرض نڀايون پيا، اميد ته اسان جا پونئير ٻاريندا،
سائين امداد محمد شاهه جي سماجي ڪم جو بنياد شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي آهي، ان کي لڳ ڀڳ 40 سال ٿي ويا آهن، جيڪا هينئر به پنهنجو ڪم جاري رکندي پئي اچي، ان تظيم جو بنياد وجهڻ وقت سن شهر جي هر دڪاندار کي اهو پابند بڻايو ويو هو ته هر دڪاندار روزانو 5 پيسه جمع ڪرائيندو ۽ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ڀانڊارو ٺهرايو ويو هو ۽ سوسائيٽي لاءِ شايد 40 ايڪڙ زمين به رکي وئي هئي، سوسائيٽي جو ڪم صرف ۽ صرف غريب شاگردن کي يونيفارم ۽ ڪتاب ڏنا ويندا هئا ۽ اداري طرفان هڪ هاسٽل به ٺهرائي وئي هئي، جنهن ۾ ٻاهريان شاگرد ڊيوٽي ڪندڙ ملازم ۽ آفيسر ماني کائيندا هئا، انهن شاگردن ۾ تازو چونڊيل ايم پي اي فقير داد کوسو به آهي، مهراڻ، لمس ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ غريب شاگردن جي فيس ۽ ٻيو خرچ ٻه ادارو ادا ڪري ٿو، تازو شاهه حيدر ايجوڪيشنل سوسائيٽي طرفان لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، سنڌ يونيورسٽي ۽ قائد عوام يونيورسٽي سان سائين جي ايم سيد، سيد امداد محمد شاهه ۽ جيجي درشهوار سيد جي نالن تي غريب شاگردن کي اسڪالرشپ ڏيڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي، سائين امداد محمد شاهه جو اهو خواب هو ته اهڙا ادارا قائم ڪري بهتر تعليم ۽ بهتر سماج اڏي سگهجن ٿا، سياسي زندگي سائين امداد محمد شاهه هڪ بهترين پارليامينٽيرين ۽ اصول پسند سياستدان هو، شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ سنڌ جو اڳواڻ به هو، ان پارٽيءَ ۾ شموليت کان اڳ ۾ سائين جي ايم سيد کان اجازت ورتي هئائين، پر اتي به هن پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪيو، 1988ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ جڏهن به اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، ٻيو عبدالحميد خان جتوئي لاءِ به مشهور هوندو هو، اهو به جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ ڳالهائيندو هو ته ايوان ۾ جيڪڏهن سئي به اڇلائجي ته ان جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو، ان دور ۾ سائين جي ايم سيد کي اسيمبليءَ ۾ غدار قرار ڏيڻ لاءِ ڪجهه ميمبرن گوڙ ڪيو هو ته عبدالحميد جتوئي گجگوڙ تي کين خاموش ڪرائي چيو ته جي پاڪستان ۾ توهان ويٺا آهيو ان جو جي ايم سيد سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرايو هو. ايئن ئي جڏهن به عبدالحميدجتوئي اسيمبلي4 ۾ ڳالهائيندو هو ته خاموشي ڇائنجي ويندي هئي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقرير لاءِ سائين امداد محمد شاهه اٿندو هو ته سمورا ميمبر کيس سنجيدگي سان ٻڌندا هئا، هن جي اسيمبلي ۾ احتجاج جو به انداز هڪ نرالو هوندو هو، ٽوڙي ڦاٽڪ جي اسيرن جي آزادي لاءِ اسيمبلي ۾ زمين تي اجرڪ وڇائي ان تي ويهي احتجاج ڪيو هو، سندس هڪ ٻيو تاريخي ڪرادر به وسارڻ جهڙو نه آهي، ايم آر ڊي جي دور ۾ سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ پنهون خان چانڊيو ۾ فوجين جي گولين سان پروڻ ٿيل ڳوٺاڻن جي لاش به فوجين وٽان پاڻ کڻائي نوابشاهه اسپتال آندا ۽ ان جي ڪفن ۽ دفن جو به بندوبست ڪرايائين، سنڌ اڄ اهڙي ڪرادر کي ياد ڪندي پنهجو ڪنڌ فخر کان اوچو ڪري رهي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button