زراعت

هنڱورجا ۽ ڀرپاسي ۾ ووئنڻن جي فصل تي ملي بگ جو خطرناڪ حملو

Hingorja crops disease (640x207)هنڱورجا ۽ ڀرپاسي ۾ ووئنڻن جي فصل تي ملي بگ جو خطرناڪ حملو سوين ايڪڙن تي پوکيل فصل تباهه ، زراعت کاتي جي ڪامورن اک به نه پٽي آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسڻ جو خدشو ملي بگ جي خاتمي لاءِ استعمال ٿيندڙ سڀئي زرعي دوائون بي اثر بڻجي ويون. آبادگار واپاري ۽ سيٺين جا قرضي بڻجي ويا ، زراعت جي آفيسن کي تالا لڳل آهن جنهن ڪري هنڱورجا ، رسول آباد ۽ گڏيجي يوسيز جا آبادگار زرعي آفيسن جا روزانو چڪر ڪاٽي واپس موٽي وڃن ٿا. جڏهن ته ملي بگ جي حملي سبب سوين ايڪڙن تي پوکيل وونئڻن جو فصل کي ملي بگ پهريان هيٺيان کان شروع ٿئي ٿي جيڪا ٻوٽي جي چوٽي تائين پن ، ڏانڊي ، گل، گوگڙي کي نقصان رسائي سموري ٻوٽي کي باهه جيان ساڙي ڪارو ڪري ڇڏي ٿي. جنهن سان مڪمل طور تي ٻوٽو سڙي سڪي تباهه ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته زرعي دوائون استعمال ڪرڻ باوجود ڪابه دوا ملي بگ جي مرض تي اثر نٿي ڪري جنهن ڪري آبادگارن کي ٻج ، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا پئسا ڳچي ۾ پئجي وڃن ٿا. آبادگارن پاران بار بار ڊي سي خيرپور ، اي ڊي او زراعت کي شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪنهن به ڪاموري اڃا تائين ووئنڻن جي فصل تي ملي بگ جو نوٽيس ناهي ورتو هوڏانهن سنڌ آبادگار اتحاد ۽ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻن عبدالعزيز ڀنڀرو، ڪانڊيرو خان سهتو، خدابخش سهتو، ممتاز سهتو، صديق سولنگي ۽ ٻين هتي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته زراعت کاتي جي نااهلي جي ڪري هنڱورجا ۽ ڀرپاسي ۾ وونئڻن جي فصل تي ملي بگ جي حملي سبب آبادگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسيو آهي هنڱورجا ۾ زراعت کاتي جا ڪامورا ڪٿي به نظر نٿا اچن ۽ ڪڏهن ته آبادگارن کي مشورا ڏيڻ لاءِ سيمينار ناهن ڪوٺايا ويا جنهن جي ڪري آبادگارن زرعي دوائن جي دڪانن تان نقلي دوائون وٺي رهيا آهن جڏهن ته نقلي زرعي دوائون کپائيندڙن جي خلاف ڪوبه ايڪشن نٿو کنيو وڃي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ملي بگ جي خاتمي لاءِ سرڪار سطح تي اسپري نه ڪرايو ويو ته سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button