آرٽيڪل

”ساهتي پرڳڻي موري شهر جي نامياري تعليمي ماهر سائين علي بخش شاھ جون ڪيل خدمتون“

ڪڏهن ناھ مُئو تو جهڙو تاريخ ۾!
وحيد رزاق مستوئي، مورو
Moro pix ali bux shahموروشهر علمي ادبي سياسي ۽ سماجي حوالي سان پوريءَ سنڌ ۾ پنهنجي نمايا حيثيت رکي ٿو. ساهتي پرڳڻي جي هن تاريخي شهر ۾ قاضي عبدالخالق ”خليق مورائي“ کان وٺي ناصر مورائي ۽ راشد مورائي تائين جن به خدمتون ڪيون آهن اهي تاريخ جي ورقن ۾ هميشھ ياد آهن ياد رهنديون. چوندا آهن ته ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو دارو مدار تعليم تي هوندو آهي يعني جنهن ملڪ جي تعليم بهتر هوندي آهي ان ملڪ جو عوام خوشحال زندگي گذاريندو آهي ۽ جنهن ملڪ جي تعليم بهتر نه هوندي آهي ته ان ملڪ جو عوام بدحال زندگي گذاريندو آهي. هن ملڪ جي ٺهڻ کان وٺي موجوده دور تائين چند سالن کي ڇڏي ڪري باقي تعليم مطمئن جوڳي نه رهي آهي ان هوندي ڪجھ اهڙا استاد ٿي گذريا آهن جن تعليم جي اهڙي حالت هوندي به پنهنجو بهترين ڪردار ادا ڪري تعليم لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. سائين علي بخش شاھ جو نالو پڻ اهڙن عظيم انسانن ۾ شمار ٿئي ٿو. پاڻ موري شهر ۾ 5 اپريل 1938ع تي جنم ورتائين سندس پوري زندگي علم، ادب ۽ سماجي ڪمن ۾ گذري. مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جي ٺهرائڻ ۾ پڻ هن عظيم استاد جو اهم رول رهيو آهي پاڻ ناصر مورائي ۽ ٻين سماجي ماڻهن سان گڏجي سڄي شهر مان چندو ڪري مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو جو بنياد رکرايو جنهن مان هزارن جي تعداد ۾ شاگردن علم پرائي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو آهي ۽ پوري سنڌ جي ادارن ۾ پنهنجون خدمتون سر انجام ڏئي پنهنجي شهر موري جو مان مٿانهون ڪيو آهي.
سائين علي بخش شاھ نه رڳو بهترين استاد رهيو پر سٺو اديب ۽ سٺو سماجي ورڪر(ڪارڪن) پڻ هيو. موري جي عزاداري تي سندس لکليل ڪتاب سنڌي ادب ۾ اهم جاءِ والاري ٿو. ڀٽائي جي چواڻي :
وکر سو وهاءِ، جو پئي پراڻو نه ٿئي،
ويچيندي ولات ۾، ذرو ٿئي نه ضاءِ،
ڪا اهڙي هڙ هلاءِ، آڳھ جنهنجي اُبهين.
سائين علي بخش شاھ پنهنجي زندگي ۾ اهڙي هڙ هلائي جنهن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي. هن جي پوري زندگي علمي، ادبي ۽ سماجي ڪمن سان سلهاڙيل رهي. پاڻ واندي ويهڻ کي عيب سمجهندو هو ۽ ڀٽائي جي هنن سٽن سان پيار ڪندو هو. ته
ڪرڪو واڪو وس، ويھ مُند ڀنڀور ۾،
چڙهي ڏاڍائين ڏونگرئين، پير پنهوءَ جو پسُ،
ڏورڻ منجهان ڏسُ، پوندي هوت پنهوءَ جو.
اهڙو عظيم انسان اسان کان جسماني طور تي ته جدا ٿي ويو آهي پر روحاني طور تي اسان سان هميشھ گڏ آهي. پاڻ اسان کان 3 مئي 2011ع تي وڇوڙو ڪري موري شهر جي ماڻهن سان گڏ پوري سنڌ جي علمي ادبي ۽ سماجي ماڻهن کي جيڪا تڪليف پهچائي ان کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي.
توکي مئل مان چوان، تون نه مرڻو ڪو،
ڪڏهن ناھ مُئو، تو جهڙو تاريخ ۾.
(رضا لانگاھ)

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button