مختصر خبرون

ڳڙھي خيرو مان برساتي پاڻي نه نڪري سگھيو، شھرين کي پريشاني

ساگر ڀٽي، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڳڙهي خيرو
ڪيترائي ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڳڙهي خيرو شهر مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي ، شهر جي حيدر شاھ محلي ، عيد گاھ محلي ، سول اسپتال روڊ ، ڊي ايس پي روڊ سميت مختلف هنڌن تي اڃان تائين برساتي پاڻي بيٺل هجڻ سبب رهواسي سخت پريشان ، پاڻي بدبو دار ٿي وڃڻ سبب مليريا ۽ ٻيا موضي مرض پکڙجڻ لڳا آهن ، رهواسين ستار لُهر ، مهيم بليدي ۽ بين الزام هنيو ته ٽي ايم او ڳڙهي خيرو عبدالغفار ٿهيم پاڻي نيڪال ڪرڻ وارا موٽر با اثر ماڻهن کي ڏئي ڇڏيا آهن انهن چيو ته غريب ماڻهن جي گهرن ۽ گهٽين ۾ پاڻي بيٺل آهي مگر ٽي ايم او بااثر ماڻهن جي ڪارخانن ۽ خالي پلاٽن ۾ بيٺل پاڻي ڪڍرائي رهيو آهي ، انهن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نااهل تي ايم او کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button