ھنڱورجا

هنڱورجا: بجلي جي تارن ۾ زخمي ٿيل نينگر جا زخم ناسور بڻجي ويا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

پيرسن سيپڪو جي ڏاڍاين خلاف داھيندي
پيرسن سيپڪو جي ڏاڍاين خلاف داھيندي
هنڱورجا جي ڳوٺ غلام قاسم سولنگي جي بجلي جي تارن ۾ زخمي ٿيل نينگر جا زخم ناسور بڻجي ويا ، ڪراچي جي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن نينگر جون ٻانهون ڪٽي ڇڏيون ، پيرن ڪٽڻ جون تياريون ، وارث غربت سبب وڌيڪ علاج ڪرائڻ کان لاچار ، سيپڪو جي ذميوار عملدارن ۽ سرڪار به ڪا واهر نه ڪئي نينگر اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا، نينگر جي پيرسن والد سپريم ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي
تفصيل موجب هنڱورجا جي ڳوٺ غلام قاسم سولنگي جو رهواسي نينگر ڪامران ولد درمحمد سولنگي جيڪو 22 ڏينهن اڳ سيپڪو عمدارن جي نااهلي جي ڪري 11 هزار وولٽيج بجلي جي ڪري پيل تارن ۾ وچڙي زخمي ٿيو جنهن جو ان وقت 70 سيڪڙو جسم سڙي ويو هيو جيڪو ڪراچي جي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي ڊاڪٽرن کيس جون ٻانهون ڪٽي ڇڏيون آهن جڏهن ته پيرن کي به ڪٽڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. جڏهن ته نينگر جا وارث انتهائي غريب هجڻ جي ڪري وڌيڪ علاج ڪرائڻ کان لاچار آهن . نينگر جو هن وقت تائين پئسا نه هجڻ جي ڪري بهتر نموني علاج نه ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته سيپڪو عملدارن جي پاران توڙي سرڪار پاران نينگر جي اڃا تائين ڪابه واهر ناهي ڪئي وئي توڙي مالي امداد به ناهي ڪئي وئي جنهن جي ڪري نينگر ڪراچي جي اسپتال ۾ موت جا ڏينهن ڳڻڻ لڳو آهي. سندس جا وارث انتهائي مايوس ٿي ويا آهن هن ڏس ۾ نينگر جي پيرسن والد درمحمد سولنگي پريس ڪلب ۾ پهچي ٻڌايو ته سيپڪو عملدارن جي غفلت جي ڪري 11 هزار وولٽ جون تارون هيٺ رستي پيل هيون جنهن ۾ منهنجو پٽ ڪامران جيڪو مدرسي ۾ تعليم پرائڻ لاءِ وڃي رهيو هيو ته ان ۾ وچڙي زخمي ٿيو جنهن جو 70 سيڪڙو جسم به سڙي ويو ان کي پهريان هنڱورجا بعد ۾ خيرپور ۽ ان کان پوءِ ڪراچي سول اسپتال ۾ داخل ڪرايو ان جي علاج تي گهر جو سمورو سامان وڪرو ڪري چڪو آهيان هاڻي ته مون وٽ ڪجه به ناهي رهيو جو مان پنهنجي جگر جي ٽڪڙي جو وڌيڪ علاج ڪرائي سگهان . منهنجو پٽ سول اسپتال ڪراچي ۾ زندگي ۽ موت جا ڏينهن گذاري رهيو آهي هن چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪئي ته معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button