مورو

موري جي نوجوان ڊاڪٽر سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان پھرئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
Moro Pixs 22.7.2013 (266x372)مورو شهر سنڌ جي دل آهي جنهن جي مٽي مان جنم وٺندڙ مورو شهر جو شان ۽ مان وڌائيندڙ ۽ مورو شهر جي نئين تاريخ جوڙيندڙ موري شهر سان تعلق رکندڙ نوجوان ڊاڪٽر غلام مرتضى ڏاهري پنهنجي ذهانت سان ميڊيڪل پوسٽ جو امتحان ڏئي پهرئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، حڪومت سنڌ نوجوان ڊاڪٽر غلام مرتضى ڏاهري کي سول اسپتال نوشهرفيروز جي دل واري وارڊ جو انچارج مقرر ڪري ڇڏيو، سياسي سماجي علمي ادبي صحافين پاران مبارڪباد، تفصيل موجب:- مورو شهر سان تعلق رکندڙ پرئمري استاد غلام مصطفى ڏاهري جي پٽ ڊاڪٽر غلام مرتضى ڏاهري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڏنل امتحان ۾ پوري سنڌ مان ميڊيڪل آفيسر جي پوسٽ تي ڏنل امتحان ۾ پهرئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي جنهن کي سنڌ حڪومت فوري طور تي ڊاڪٽري جي پوسٽ ڏئي سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ دل واري وارڊ جو انچارج مقرر ڪري ڇڏيو آهي ياد رهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ پوري سنڌ جي 23 هزار ڊاڪٽرن ڊاڪٽري جي امتحان ۾ ويٺا هئا انهن مان 3 سئو ڊاڪٽرن پوزيشن کنئي هئي جن ڊاڪٽرن ۾ ڊاڪٽر غلام مرتضى ڏاهري پهرئين پوزيشن حاصل ڪئي جنهن جو تعلق مورو سان آهي، ٻئي طرف مورو جي نوجوان پاران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ڏنل امتحان ۾ پهرئين پوزيشن کڻڻ تي مورو جي تعليمي ماهرن، تعليم دوست ڌرين، اديبن، شاعرن، استادن، صحافين، شهرين، سياسي سماجي تنظيمن ۽ سڄاڻ ڌرين راشد مورائي، عبدالله جيسر، پروفيسر محمد خان ڏاهري، پروفيسر شمشاد سومرو، رزاق مستوئي، سيد محسن علي شاھ، اسلم عباسي، رسول بخش ٻگهيو، ڊاڪٽر غلام شبير چهواڻ، صوفي غلام مصطفى ڪانڌڙو، عظيم سنڌي، آپا رحيمان سيال، راڻو اياز ميمڻ، حسين بخش لغاري، بهاول لغاري، نوجوان صحافي اختر لغاري، صحافي وحيد رزاق مستوئي، ايڊوڪيٽ راهب خان ٻگهيو، صحافي ڊاڪٽر غلام مرتضى ڏاهري کي پهرئين پوزيشن کڻڻ تي خوشيءَ جو اظهار ڪندي کين مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اسان مورو واسين سميت پوري سنڌ واسين کي فخر آهي ته اسان جي سنڌ جا نوجوان پنهنجي ذهانت محنت ۽ لڳن سان تعليم طرف توجھ ڏئي ڪميشن جهڙي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي رهيا آهن جنهن تي اسان کي فخر آهي، ان موقعي تي سنڌ جي نوجوانن جي لاءِ پيغام ڏيندي چيو ته هو تعليم طرف توجھ ڏئي اهڙن ڪميشن جهڙي امتحانن ۾ پوزيشنون حاصل ڪري سٺا ڊاڪٽر، انجنيئر سائنسدان، تعليمي ماهر ۽ وڏا آفيسر ٿي پنهنجي سنڌ ڌرتي ۽ والدين جو نالو روشن ڪن، جهڙي طرح ڊاڪٽر غلام مرتضى ڏاهري ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ان کان علاوه استاد غلام مصطفى ڏاهري جا پٽ ۽ نياڻيون جن ۾ غالم مجتبى ڏاهري، نعمان مصطفى ڏاهري، بينظير مصطفى ڏاهري، ماروي مصطفى ڏاهري جيڪي پڻ ڊاڪٽري جي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن جيڪي پڻ ڊاڪٽري ۾ پڙهي رهيا آهن جن جو هڪ سٺو ڊاڪٽر ٿيڻ جو خواب رکن ٿا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button