سنڌيونيورسٽي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي رينڪنگ تي ڳڻتي جو اظھار، ئين سر جائزو وٺڻ جو مطالبو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو
Sindh Universityسنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه جي صدارت هيٺ سيل جو هڪ اهم اجلاس سندس آفيس ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ هيڪ رينڪنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي پوزيشن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي هائير ايجوڪيشن ڪميشن اختيارين کان رينڪنگ جو نئين سر جائزو وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊاڪٽر اظهر علي شاهه چيو ته پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽين ۾ 5، 5 هزار ڪمپيوٽر، هڪ هڪ هزار فيڪلٽي ميمبر ۽ ٻيون سهولتون آهن، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ صرف 1500 ڪمپيوٽر ۽ 600 استاد موجود آهن، هيڪ پاران رينڪنگ ۾ اهي شيون پڻ شامل ڪيون ويون، جنهن سبب رينڪنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي پوئتي هلي وئي. هن چيو ته رينڪنگ ۾ تحقيق جو به عنصر شامل آهي، جنهن جو دارومدار سيمينارن ۽ ڪانفرنسز تي آهي پر سنڌ يونيورسٽي جڏهن به انهن مقصدن لاءِ درخواستون ڏنيون، هيڪ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي فنڊ جاري نه ڪيا، جنهن سبب به سنڌ يونيورسٽي پنجاب ۽ ڪراچي يونيورسٽين سان مقابلو نه ڪري سگهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل به تازا تفصيل هيڪ کي نه اماڻيا هئا، جيڪو پڻ هيڪ جي رينڪنگ ۾ سنڌ يونيورسٽي جي تنزلي جو هڪ ڪارڻ آهي. ڊاڪٽر اظهر شاهه اعلان ڪيو ته جلد تازا تفصيل هيڪ اختيارين کي موڪلي کانئن رينڪنگ تي نظرثاني ڪرڻ جو باضابطه مطالبو ڪيو ويندو. هن چيو ته پليجيرزم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جلد جوڙي ويندي ۽ ان بابت پڻ هيڪ کي اطلاع ڏنو ويندو. اجلاس ۾ هيڪ رينڪنگ ۾ سنڌ يونيورستي کي مٿين نمبرن تي آڻڻ لاءِ ڪجهه سفارشون پڻ جوڙيون ويون، جيڪي منظوري لاءِ وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر نذير اي مغل کي اماڻيون وينديون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button