مختصر خبرون

ھنڱورجا: فنڪشنل ايم اين اي کي حضرت سچل سرمست جي 192 هين عرس مبارڪ جي تقريبات ۾ نظر انداز ڪيو پيو وڃي، مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
حضرت سچل سرمست جي 192 هين عرس مبارڪ جي تقريبات ۾ سچل يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي پاران فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري کي عرس مبارڪ جي ڪنهن به پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت نه ڏيڻ خلاف فنڪشنل مسلم ليگ جي ڪارڪنن سيد عباس علي شاهه لڪياري ، ميان بشر فاروقي ، عبدالعزيز ڀنڀرو، عزيز سهتو، ديدار اوٺو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي اڳواڻن الزام لڳايو ته سچل يادگار ڪاميٽي ۽ ثقافت کاتي پاران ڄاڻي واڻي فنڪشنل مسلم ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه کي نظرانداز ڪيو آهي جيڪا وڏي ناانصافي آهي جڏهن ته سچل سائين جي عرس مبارڪ جي تقريات غير سياسي آهن جنهن کي سياسي بڻايو ويو آهي تڪ جي ايم اين اي سيد ڪاظم علي شاهه کي ڪنهن به تقريات ۾ دعوت نه ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button