مختصر خبرون

پاڪستان مسلم ليگ ن تعلقي مورو پاران افطار پارٽي جو اھتمام

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
پاڪستان مسلم ليگ ن تعلقي مورو جي صدر غلام مرتضى آرائين ۽ ٻين عهديدارن کي شهر جي معزز شخصيت منظور تارڙِ پاران افطار پارٽي ڏني وئي، افطار پارٽي ۾ مسلم ليگ سميت ٻين پارٽين جي اڳواڻن ڪارڪنن ڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي تعلقي صدر غلام مرتضى آرائين خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن هميشھ حق ۽ سچ جي سياست ڪئي آهي ۽ مسڪينن غريبن پورهيتن جي مدد ڪئي آهي ۽ همدرد رهي آهي، هن چيو ته هن ڀيري پاڪستان جو صدر ممنون حسين بڻجندو ڇو ته ممنون حسين جون خدمتون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن ۽ ممنون حسين صدارتي چونڊون کٽي ڪرسي تي ويهڻ شرط پاڪستان جي عوام جي مسئلن طرف توجھ ڏئي انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، هن چيو ته مسلم ليگ ن مورو جي آفيس جا دروازا سڀنين جي لاءِ هر ٽائيم کليل آهن جيڪو به اسان وٽ ايندو ان کي خوش آمديد چونداسين ۽ انهن جي هر جائز مسئلي طرف توجھ ڏينداسين ۽ ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ان موقعي تي شهر جي معزز شخصيت منظور تارڙ مسلم ليگ ن جي سربراھ ميان محمد نواز شريف تي اعتماد ڪندي مسلم ن ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ۽ تعلقي صدر غلام مرتضا آرائين ان کي تعلقي مورو جو جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ان موقعي تي ليبر ونگ ضلع صدر بشير احمد ڀٽي، نائب صدر ليبر ونگ راهب ٻگهيو، وحيد رزاق مستوئي، محمد صالح چانڊيو، غلام مصطفى ڪورائي، سڪندر لانگاھ، ذيشان سولنگي، غلام مصطفى راجپوت، شفيق احمد چانڊيو، علي شير سيهڙ، ظفرالله عباسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button