مختصر خبرون

هنڱورجا مان اغوا ٿي ويل ڊاڪٽر ٽي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود بازياب نه ٿي سگھيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
هنڱورجا مان اغوا ٿي ويل ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن جو اڳواڻ ۽ گاد شريف اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي ٽي ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود پوليس انتظاميه مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي ۽ پوليس هن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو نه وري اغوا جو ڪيس داخل ٿي سگهيو آهي ڊاڪٽر جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي ۽ امڙ کي ٽئين ڏينهن به مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن مغوي ڊاڪٽر جي وارثن عبدالرزاق ميمڻ ، مقيم ميمڻ ، اسلم ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر جي بازيابي لاءِ ٽئين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي مظاهرين مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر عبدارحمان ميمڻ کي فور طور تي بازياب ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو ٻئي پاسي هنڱورجا اسپتال ۾ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف يونين پاران اسپتال ۾ هڪ ڪلاڪ او پي ڊي جو بائڪاٽ ڪري ڊاڪٽر غلام علي ميمڻ، ڊاڪٽر بشير ميمڻ، ڊاڪٽر ضمير کوکر، حفيظ احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته صحت کاتي جو ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي اغوا کي 3 ڏينهن گذري ويا آهن پر پوليس ڪجهه به ناهي ڪيو هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي فور بازياب ڪرايو وڃي ٻئي پاسي پي پي جو مرڪزي اڳواڻ سيد جاويد شاهه جيلاني پارٽي ڪارڪنن سان گڏ مغوي ڊاڪٽر جي وارثن وٽ پهتو ۽ کين يقين ڏياريو ته ڊاڪٽر جي بازيابي ۾ سندن جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد جاويد شاهه جيلاني چيو ته هنڱورجا جي ڪاروباري ميمڻ برادري کي ٽارگيٽ بڻائي اغوا ڪيو پيو وڃي بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ وزيراعلي سنڌ سان ڳالهائيو ويندو. هوڏانهن فنڪشنل ليگ جي ايم اين اي پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري ، قومي امن ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ ، استاد اڳواڻ الهرکيو خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ مغوي ڊاڪٽر جي بازيابي لاءِ هڪ وفد ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ سان ملاقات ڪري کيس زور ڀريو ته ڊاڪٽر عبدالرحمان کي بازياب ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري . سيد ڪاظم علي شاهه آءِ جي سنڌ کي ٻڌايو ته هنڱورجا شهر کي ٽارگيٽ بڻائي شهر جو امن ۽ سڪون برباد ڪيو ويو آهي شهري مڪمل طور تي غير محفوظ آهن. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ وفد کي يقين ڏياريو ته مغوي ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ پوليس عملدارن کي سخت سان هدايت ڪئي وئي آهي ۽ ڏوهارين جي خلاف ڪابه رعايت نه ٿيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button