مختصر خبرون

هنڱورجا : ايريگيشن جي ننڍن ملازمن پاران مسئلن جي حل لاءِورڪرس ڪاميٽي قائم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
ايريگيشن جي ننڍن ملازمن پاران مسئلن جي حل ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ايريگيشن ورڪرس ڪاميٽي قائم ، جدوجهد تيز ڪري تمام ملازمن کي متحد ۽ منظم ڪرڻ جو اعلان
خبر موجب اريگيشن ريسٽ هائوس سڳيون ۾ ايريگيشن جي ننڍن ملازمن جو اجلاس ٿي گذريو اجلاس ۾ اريگيشن جي سروئيرن ، داروغن ، بيلدارن، آبدارن ۽ آپريٽرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي گمبٽ سب ڊويزن اندر ايريگيشن جي ننڍن ملازمن سان ٿيندڙ ذيادتين ، شاخن ۽ واهن تان چوري ڪٽجندڙ وڻن ۽ کڃندڙ مٽي سميت ايريگيشن جي زبون حال بڻيل ريسٽ هائوسز سميت ملازمن کي پگهارون ، پينشن توڙي ٻين دفتري مسائل تي غور ويچار ڪري انهن جي حل لاءِ ايريگيشن ورڪرس ڪاميٽي جي بنياد رکيو ويو اجلاس ۾ واجد شاهاڻي ، گلزار احمد، سرفراز، اياز علي سهتو، عبدالقيوم جوڻيجو ، سيد بچل شاهه ، نياز مڱڻهار سميت وڏي انگ ۾ اريگيشن سب ڊويزن گمبٽ جي ننڍن ملازمن شرڪت ڪئي اڳواڻن چيو ته پوليس ۽ وڏيرن جي ڳٺ جوڙ سان شاخن تان وڻ وڍي انهن جا ڪيس ملازمن تي داخل ڪرايا وڃن ٿا، سڳيون ريسٽ هائوس ۾ لکين روپين جي قيمتي کاڻ کي اڏوهي ۽ سرو لڳي ويو آهي ۽ ڪيتروئي مقامي پوليس توڙي وڏيرا چوري ڪري ويا آهن هنن چيو ته آبادگار خود واٽر ٽوڙي پاڻي چوري ڪن ٿا ۽ ڪپرن تان مٽي چورائڻ سبب شاخن ۽ واهن کي گهارا پون ٿا جنهن جي سزا ايريگيشن جي ننڍن ملازمن کي ڀوڳڻي پوي ٿي هنن چيو ته هاڻ انهن تمام مسئلن خلاف متحد ۽ منظم ٿي جدوجهد ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button