مختصر خبرون

ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ روڊن تي نڪري آيا احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جو گشت ڪندا مورو ميڊيا آفيس آڏو پهتا جتي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا احتجاجي مظاهرو جي اڳواڻي ذوهيب سيال، علي گل ماڇي، زاهد ميمڻ، رجب زرداري ۽ بيا ڪري رهيا هئا، مظاهرو ڪندڙن پگهارون نه ڏيڻ تي سخت نعري بازي ڪندي چيو ته اسان مسڪينن کي لڳاتار 4 مهينن کان پگهارون نه ملڻ ڪري هن موت مار مهنگائي جي ڪري جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ۽ اسان جا ٻچا ڦاڪا ڪشيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن ايتري قدر جو دڪاندار به اسان کي اوڌر تي سامان ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي تنهن ڪري اسان غريبن جي حال تي رحم ڪري اسان کي پگهارون ڏنيون وڃن ۽ اسان ٻچا تاتي عيد ڪري سگهون، ٻئي پاسي چيف ميونسپل آفيسر مورو ماجد انور سيهڙ جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري بلديات سنڌ ۽ ڊي سي نوشهروفيروز اسان ڏي 310 انهن ملازمن جو ليٽر موڪليو آهي جيڪي پهرئين جولاءِ 2012ع کان ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن جي نوڪرين جي آرڊرن سميت سندن مڪمل ڪاغذ اسان ڏانهن موڪليا وڃن ته جيئن اسان سندن نڪتل آرڊر چيڪ ڪيون جنهن بعد حقدارن کي حق ڏنو ويندو ۽ کين پگهارون ڏنيون وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button