مختصر خبرون

مورو: 8 سالن جو نينگرراند ڪندي کوھ ۾ڪِري پيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ڀرسان ڳوٺ شفيع محمد ڪوريجو ۾ 8 سالن جو نينگر محمد علي پٽ عبدالغفار ڪوريجو راند ڪندي کوھ ۾ڪِري پيو جيڪو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو جنهن جو لاش ڪافي ڳولا ڪرڻ کانپوءِ هڪ ڪلاڪ بعد هٿ ڪيو ويو نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ٻئي طرف مورو شهر جي سنڌ ڪالوني ۾ لنڊڪي شاخ ۾ 10 سالن جو معصوم فرهاد ڪلهوڙو ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش ڪڍي گهر آندو ويو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button