مختصر خبرون

مورو: پراڻي دشمني تان 50 سالن جو ھڪ ڳوٺاڻو قتل

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ڀرسان قمرالدين ٿاڻي جي حد رِند مُوري ڳوٺ احمد لاشاري ۾ پراڻي دشمني تان وڳڻ برداري جا ماڻهو هٿيارن جا مُنهن کولي ڇڏيا ۽ لاشاري برادري جي 50 سالن جو محمد هاشم لاشاري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا جنهن جو اطلاع حد پوليس کي ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي مورو اسپتال آندو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، ياد رهي ته وڳڻ ۽ لاشاري برادري جو ڳئون چوري تان 15 سالن کان پراڻي دشمني کان جهيڙو هلندڙ هو ۽ ٻنهي ڌرين جا هن مهل تائين چار قتل ٿي چڪا آهن جن ۾ گل عرف گُلو وڳڻ، لکنو عرف الھ رکيو وڳڻ ۽ يعقوب لاشاري اڳ ۾ قتل ٿيا هئا جڏهن ته پلاند ۾ اڄ محمد هاشم کي قتل ڪيو ويو، هوڏانهن پوليس پاران مقتول محمد هاشم لاشاري جي سئوٽ سعيد خان لاشاري جي فرياد تي مُک جوابدار مظهر ولد الھ رکيو وڳڻ سميت فقير محمد عرف فقيرو ولد بقا محمد وڳڻ، اياز ولد هارون، عابد ولد گل محمد، ايوب ولد خير محمد، منور ولد هاورن، محمد حسن عرف مُجن ولد جُمن تي قمرالدين ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هن مهل تائين ڪا گرفتاري عمل اچي سگهي آهي، جڏهن ته فريادي سعيد خان لاشاري جو چوڻ آهي ته 15 سال اڳ ۾ اسان جي گهر ۾ لکنو عرف الھ رکيو وڳڻ داخل ٿيو جنهن تي اسان جاڳي پياسين ۽ فائرنگ ۾ مارجي ويو جنهن تان اڄ اسان جو ماڻهو ڳوٺ ڪروچي جي ماڙي مان واپس اچي رهيو هو ته وڳڻ برادري دشمني ڪري اسان جي ماڻهو کي قتل ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button