مختصر خبرون

مورو جي رهواسي پريمي جوڙي مائٽن جي قتل جي ڊپ کان ڪراچي ۾ پناھ وٺي ڇڏي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، دادا
دادوــ مورو جي رهواسي پريمي جوڙي مائٽن جي قتل جي ڊپ کان دادو ۾ ميڊيا سان ڳالهائڻ بعد ڪراچي ۾ پناه ورتي ممتاز عالماڻي ۽ عائشه عالماڻي ميڊيا ک ٻڌايو ته اسان مائٽن جي رضا مندي ۽ پهنجي راز خوشي سان شادي ڪئي آهي عائشه الهجڙيو عالماڻي جي ڌي آهي جنهن کي چاچي حڪيم پاليو آهي جيڪو هن شادي مان خوش نه آهي هنن چيو ته رهيم عالماڻي اسن کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اسان کي خوف آهي ته ڪٿي هو اسان کي مارائي نه ڇڏي عائشا چيو ته مان صحيح سلامت آهيان حڪيم عالماڻي ممتاز، عالماڻي سميت شبير عالماڻي شاهنواز عالماڻي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايا آهن ته هنن اغوا ڪيو آهي اسان کي ڪنهن به اغوا نه ڪيو آهي رحيم عالماڻي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ ۽ منهجي شادي ٻي هنڌ ڪرڻ چاهي ٿو اسان کي تحفظ ڏنو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button