مختصر خبرون

مورو، ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال جاري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
مورو ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي پگهارون نه مليون اڄ 6 ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال، وفد جي صورت ۾ نوان جتوئي ۾ جتوئي هائوس تي وفاقي وزير سان ملازمن جي ملاقات پگهارون ڏيارڻ جي اپيل، وفاقي وزير پاران خاطري، ڊي سي نوشهروفيروز سان ڳالهائي توهان جا مسئلا حل ڪرائيندس ۽ چئن مهينن جون رهيل پگهارون ڏياريندس، وفاقي وزير غلام مرتضى جتوئي جي نوان جتوئي ۾ جتوئي هائوس تي پهتل ملازمن جي وفد کي يقين دهاني، تفصيل موجب:- مورو جي ميونسپل ڪاميٽي ملازمن جو چئن مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي ڪم ڇڏ هڙتال اڄ ڇهين ڏينهن به جاري رهي ملازمن جو نيو جتوئي ۾ جتوئي هائوس تي بيقس چانڊيو، الطاف ڀرٽ، نور محمد سمون، آڪاش سومرو، نصير پنهور، قربان مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ وفد جي صورت ۾ وفاقي وزير غلام مرتضى جتوئي سالن ملاقات ڪئي ان موقعي تي ملازمن وفاقي وزير غلام مرتضى جتوئي کي ٻڌايو ته اسان مسڪينن کي لڳاتار 4 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن جنهن جي ڪري هن موت مار مهنگائي جي ڪري اسان جو جيئڻ جنجال بڻجي ويو آهي ۽ اسان جا ٻچا ڦاڪا ڪشيءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن ايتري قدر جو دڪاندار به اسان کي اوڌر تي سامان ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي تنهن ڪري اسان غريبن جي حال تي رحم ڪري اسان جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو ۽ اسان جون رهيل پگهارون ڏياريو ته جيئن اسان پنهنجا ٻچا تاتي عيد ڪري سگهون، ان موقعي تي وفاقي وزير غلام مرتضى جتوئي ملازمن جي مسئلي کي ٻڌندي يقين ڏياريو ته توهان جي مسئلن بابت ڊي سي نوشهروفيروز سان ڳالهائي جلد حل ڪرائيندس ان کي هدايت ڏيندس ته توهان جي مسئلن کي ڏسي توهان کي پگهارون ڏئي ٻئي پاسي چيف ميونسپل آفيسر مورو ماجد انور سيهڙ جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري بلديات سنڌ ۽ ڊي سي نوشهروفيروز اسان ڏي 310 انهن ملازمن جو ليٽر موڪليو آهي جيڪي پهرئين جولاءِ 2012ع کان ڀرتي ڪيا ويا آهن انهن جي نوڪرين جي آرڊرن سميت سندن مڪمل ڪاغذن جي ڇڏ ڇاڻ بعد حقدارن کي حق ڏنو ويندو ۽ کين پگهارون ڏنيون وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button