اسلام آباد

ملاله واپس آئي ته ان کي ٻيھر نشانو بڻايو ويندو، پابندي مڙھيل تحريڪ طالبان پاڪستان

Malala Yousafzaiپشاور: پابندي مڙھيل تحريڪ پاڪستان عدنان رشيد جي طرفان ملاله يوسف زئي کي لکيل خط بابت لاتعلقي جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏھن ملاله واپس ايندي ته ان کي ھڪ دفعو ٻيھر نشانو بڻايو ويندو.
برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي سينيئر طالبان اڳواڻ چيو ته عدنان رشيد طالبان جي سينيئر ڪمانڊر ناھي ۽ طالبان شوريٰ عدنان رشيد جي خط جو اصل مسودو گھري ورتو آھي جيڪا ان ڳالھ جو جائزو وٺندي ته ان م ڪھڙيون ڳالھيون طالبان تحريڪ جي خلاف آھن. طالبان اڳواڻ چيو ته انھن کي ملاله يوسف زئي سان ڪاھمدردي ناھي ۽ ان کي سيڪيولر تعليم جي تبليغ ڪندي ۽ اولھ جي پروپيگنڊا جو حصو ٿيڻ جي سبب نشانو بڻايو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button