مختصر خبرون

غوث علي شاھ کي پاڪستان جو صدر صدر بنايو وڃي، ن ليگ سکر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
پاڪستان مسلم ليگ ن جي سکر ڊويزن جي عهديدارن جو هڪ هنگامي اجلاس حاجي عبدالطيف آرائين جي صدرات ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ ڪارڪنن عهديدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ متفق راءِ سان هڪ ڪرداد پاس ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي قيات کان پُر زور مطالبو ڪيو ويو ته پاڪستان مسلم ن صوبي سنڌ جي صدر سيد غوث علي شاھ کي صدر پاڪستان جي عهدي جي لاءِ نامزد ڪيو وڃي ڇو ته پارٽي جي لاءِ سيد غوث علي شاڳ جون قربانيون تاريخ جو هڪ حصو بڻيل آهن ۽ اڪرڪنن جي هر ڏک سک ۾ گڏ رهيو آهي هنن چيو ته ان جي قربانين کي ياد رکندي سنڌ جي سيد غوث علي شاھ کي پاڪستان جو صدر صدر بنايو وڃي ۽ پارٽي جي عهديدارن ڪارڪنن ۽ سنڌ جي عوام ۾ فهليل مايوسي ختم ڪئي وڃي هن اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن يوٿ ونگ جي جنرل سيڪريٽري غلام سرور آرائين شاهنواز سهتو ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button