خيرپور

صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي 192 هين عرس جي انتظامن جي سلسلي ۾ گڏجاڻي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

ڊي سي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي
ڊي سي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي
سنڌ جي مشهور صوفي بزرگ ۽ شاعر حضرت سچل سرمست رح جي 192 هين عرس جي انتظامن جي سلسلي ۾ چيئرمين سچل سرمست يادگار ڪاميٽي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي درگاهه سچل سرمست ڀرسان قائم سماع هال ۾ هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪئي جنهن م حضرت سچل سرمست جي 192 هين عرس جي مختلف انتظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور چيو ته مختلف ڪاميٽين کي پنهنجو پنهنجو لاڳاپيل ڪم مڪمل ڪرڻ گهرجي ته جيئن حضرت سچل سرمست جي 192 هين عرس جي مختلف تقريبن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي. هن چيو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سچل جي مزار تي چادر چاڙهي عرس جي مختلف تقريبن جو افتتاح ڪندو جڏهن ته ان موقعي تي وزير اعلى سنڌ پاران سچل جي باغ جو سنگ بنياد پڻ رکيو ويندو ۽ محفلِ سماع هال ۾ قائم ٿيندڙ سچل ميوزم ڪارنر جو پڻ افتتاح ڪندو. هن چيو ته سچل جي درگاهه تي گذريل پنجن سالن ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن جنهن ۾سچل ڪامپليڪس، سرمست ريسٽ هائوس، سماع هال، مزار جو مرمتي ڪم توڙي ٻيون ترقياتي اسڪيمون شامل هنيون. جڏهن 192 هين عرس جي موقعي تي درگاهه سچل سرمست جي مختلف ترقياتي ڪمن قومي شاهراهه کان درگاهه ڏانهن ڊيول ڪيريج (ٻٽو) روڊ، سچل باغ، ملاکڙو اسٽيڊيم، نمائش گرائونڊ، ميڊيڪل ڊسپينسري، اوقاف کاتي جو ريسٽ هائوس توڙي ٻين اسڪيمن جي حوالي سان وڏي وزير کي گذارش ڪئي ويندي. ڊي سي ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس، تعلقي مختيارڪارن، ثقافت، سيپڪو، صحت، اوقاف، لائيو اسٽاڪ، زراعت، پوليس، ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي عرس جي حوالي سان سونپيل مختلف ذميوارين کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي خيرپور عثمان اعجاز باجواهه عرس جي موقعي تي سڪيورٽي انتظامن جي حوالي سان ٻُڌايو ته عرس جي موقعي تي پوليس فورس جا جوان وردي توڙي وردي کان بغير حفاظتي انتظامن جو جائزو وٺندا رهندا ۽ ضلعي انتظاميه هر چُر پُر جي حوالي سان آگاهي ڏني ويندي. جڏهن گڏجاڻي ۾ عرس جي حوالي سان سچل سرمست يادگارڪاميٽي پاران قائم ڪيل مختلف ڪاميٽين جي ڪنوينرس پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل ڪاميٽين پاران عرس جي تيارين جي حوالي سان بريفنگ ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button