ٽنڊو محمد خان

شاهه عبداللطيف ڀٽائي ويلفيئر سوسائٽي تنظيم جي ليڊي سوشل موبلائيزر کي حراسان ڪرڻ خلاف پريس ڪانفرنس

فهيم ڀٽي ، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ٽنڊو محمد خان
Press Conference Raheema Bhattiسنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سماجي ڪم ڪندڙ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ويلفيئر سوسائٽي جي جنرل ميئنيجر رحيمان ڀٽي پريس ڪانفرنس ذريعي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪجهه ڌريون تنظيمي ساک کي متاثر ڪرڻ لاءِ اخلاق کان ڪريل حرڪتون ڪري رهيون آهن جنهن ۾ تازو ئي تنظيم جي ليڊي سوشل موبلائيزر خالده لغاري کي پوليس اهلڪار هٿان حراسان ڪرڻ ۽ اغوا ڪرڻ جي ڪوشش شامل آهي هن چيو ته اسان ڳوٺاڻي زندگي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ صحت ، تعليم ۽ اجهو ٺاهي ڏيڻ لاءِ روڊ ميپ تي ڪم ڪري رهيا آهيون ، هن چيو ته ڪجهه اهڙا ماڻحو تنظيم جي ساک خراب ڪرڻ لاءِ غلط پروپئگينڊا ڪري رهيا آهن پر اسان پنهنجي اصولن تحت تمام ڪمن جو رڪارڊ رکيو آهي هن چيو ته اسان جي ورڪرن کي ملندڙ ڌمڪين بابت ضلعي انتظاميه کي مڪمل آگاهي ڏني وئي آهي پر افسوس جو انتظاميه ڪنهن به قسم جا حفاظتي اپاءُ ناهن ورتا ، هن صوبائي اختيارين کان فوري طور تنظيمي ورڪرن جي حفاظت لاءِ اثرائتا اپاءُ وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته انهي موقعي تي ڊسٽرڪٽ انچارج تهذيب ڀٽي تنظيم پاران ڪيل ڪمن جو رڪارڊ صحافين کي ڏيکاريو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button