سکر

سکر :حملي ۾ آءِ ايس آءِ جي هيڊڪوارٽر تي حملي جو ڪيس داخل ، حملو ڪنڊر قبائلي پٺاڻ محسوس ٿي رھيا ھئا، ڪمشنر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
Sukkur under attackڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته ڳجهي اداري تي حملو ڪندڙ قبائلي علائقي جا پٺاڻ محسوس ٿي رهيا آهن، دهشتگردن جي سڃاڻپ لاءِ واقعي واري هنڌ تان ملندڙ انساني جسم جي عضون جو ڊي اين اي ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار هن ديوان مشتاق اسپتال سکر ۾ داخل 11 زخمي مريضن جي عيادت ڪئي جنهن ۾ 7 مرد ۽ 4 عورتون شامل آهن انهيءَ موقعي تي ڪمشنر متاثر ٿيندڙ زخمين کي يقين ڏياريو ته سنڌ حڪومت جي طرفان علاج و معالجي سان گڏ معاوضو پڻ ڏنو ويندو. سمورا تفصيل وزير اعليٰ سنڌ کي اماڻيا ويا آهن. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته الله تعاليٰ جو فضل و ڪرم ٿيو آهي ته قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي بروقت ڪارروائي جي نتيجي ۾ وڏي نقصان کان بچاءُ ممڪن ٿيو آهي. هن ايم ايس غلام محمد مهر ٽيچنگ هاسپيٽل سکر کي هدايت ڪئي ته هو زخمين جو علاج بهترين نموني سان ڪن. انهيءَ سلسلي ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. دوري دوران هن ڊپٽي ڪمشنر سکر کي چيو ته زخمي مريضن جو علاج هتي بهتر نموني ممڪن نه هجي ته کين جلد ٻين وڏين اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ته جيئن کين بهتر کان بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ڊاڪٽر نياز علي عباسي جو چوڻ هو واقعي جي تحقيقات پوليس، آئي ايس آءِ ڪري رهي آهي، جڏهن ته واقعي ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ 4 لکن کان 5 لک ۽ زخمين لاءِ 1 لک روپيا ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سمري موڪلي وئي آهي، جن ماڻهن جي گهرن کي نقصان پهتو آهي انهن جي لسٽ پڻ تيار ڪئي پئي وڃي، ڪمشنر سکر متاثر ٿيندڙ زخمين کي يقين ڏ ياريو ته سنڌ حڪومت جي طرفان علاج و معالجي سان گڏ معاوضو پڻ ڏنو ويندو سمورا تفصيل سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻيا ويا آهن،
سکر جي بئراج ڪالوني ۾ دهشتگردن پاران آءِ ايس آءِ جي هيڊڪوارٽر تي حملي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او محمد امين کوسو جي فرياد تي 4 نامعلوم دهشتگردن خلاف داخل ڪيو ويو آهي سرڪار جي مديت تي داخل ڪيل ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دهشتگردن بارود سان ڀريل گاڏي آءِ ايس آءِ جي هيڊڪوارٽر سان ٽڪرائي جنهن جي ڪري ڌماڪو ٿيو ۽ 3 دهشتگرد اندر آفيس ۾ داخل ٿي ويا جن فورس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني ان دوران پوليس پهچي وئي ،فورس ۽ پوليس جي جوانن گڏيل مقابلو ڪري دهشتگردن کي ماري ڇڏيو خودڪش بم ڌماڪي سبب سويلين ڊپٽي ڊائرييڪٽر ميجر ذيشان ،نائيڪ عزيزالله عرف مجيد ،نذير ،احسان الله ڪورائي سميت 4 ڄڻا شهيد ٿي ويا هوڏانهن اربع جي شام بئراج ڪالوني ۾ آءِ ايس آءِ جي آفيس مٿان ٿيل حملي کان پوءِ اسلام آباد ۽ ڪراچي کان ڳجهن ادارن جي اعليٰ عملدارن جي ٽيم توڙي سي آءِ ڊي پوليس جي ٽيم سکر پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪرڻ بعد مختلف شاهديون گڏ ڪري جانچ مڪمل ڪرڻ کان پوءِ واپس روانا ٿي ويون آهن ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي جانچ ٽيمن پاران خودڪش بمبار ۽ حملي آور دهشتگردن جا جزا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ اسلام آباد اماڻيا ويا آهن، هوڏانهن سول اسپتال سکر جي مرده خاني ۾ رکيل دهشتگرد جو لاش دفنايو ويو آهي جنهن جي اي ايس پي سٽي مسعود بنگش پڻ تصديق ڪئي جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن جا لاش تئين ڏينهن به ميڊيا آڏو ظاهر ناهن ڪيا ويا حملي ۽ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل آءِ ايس آءِ جي سمورن اهلڪارن کي سي ايم ايڇ پنوعاقل ۾ داخل ڪيو ويو جتي سندن علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته بئراج ڪالوني واقعي دوران گوليون لڳڻ توڙي ڌماڪي سبب ڇتون ڪرڻ جي ڪري دٻجي زخمي ٿيل ڏيڍ درجن جي لڳ ڀڳ عام شهرين کي هينئر تائين سرڪار طرفان معاوضو ڏنو ويو ٻي طرف زخمي ڀڳوان، چاڪر، حڪيم، نذر محمد ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته جڏهن بئراج ڪالوني ۾ ڌماڪو ٿيو ته ائين لڳو ته ڄڻ زمين ڦاٽي رهي آهي ۽ اسان جا گهر ۽ آفيسون ان ۾ ڊٻجي وينديون ڪيترائي ماڻهو ڌماڪي سبب حواس وڃائي ويٺا جڏهن هوش آيو ته اسپتال ۾ هئاسين هنن چيو ته متاثرن ۾ ڪيترائي ماڻهو غريب آهن جن مشڪل سان گهر ٺهرايا سرڪار کي سولين متاثرين جي به مدد ڪرڻ گهرجي

وڌيڪ ڏيکاريو

ھڪ تبصرو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button