سکر

سکر: آءِ ايس آءِ دفتر جي ٻاھران ڌماڪا، ٻه ڄڻا مارجي ويا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مانيٽرنگ ڊيسڪ
Sukkur incident (640x311)سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر ۾ ھڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ چار ڌماڪن ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ 38 زخمي ٿي پيا آھن. پوليس مطابق اھي ڌماڪا اربع جي شام ڪو بئراج ڪالوني ۾ ٿيا. جنھن جڳھ تي ڌماڪا ٿيا آھن اتي پاڪستان جي انٽيليجنس جي اداري آءِ ايس آءِ جي دفتر کان علاوه ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ججن جو رھائشون آھن.
ڊي آءِ جي جاويد اوڍو مطابق حملي جو نشانو آءِ ايس آءِ جو دفتر ھئو، ڌماڪي جو اطلاع ملندي ئي رينجرز واقعي واري ھنڌ پھچي ويئي ۽ علائقي کي گھيري ۾ آڻي ورتو، ميڊيا کي به اڳتي وڃڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button