مختصر خبرون

سچل سرمست جو 192 هون عرس مبارڪ سڀاڻي درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ھنڱورجا
Sachal sarmastدنيا جي عظيم صوفي بزرگ ۽ هفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست رح جو 192 هون عرس مبارڪ سڀاڻي درازا شريف ۾ شروع ٿي رهيو آهي عرس مبارڪ جي تقريبات جو وزيراعلي سنڌ سچل سائين جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي افتتاح ڪندو.سچل سائين جي روضي ۽ ريسٽ هائوس جي تعميراتي ڪمن ، گندگي جي ڍير، ٺهيل مسافر خانن جي صفائي نه ٿيڻ ۽ پاڻي جا انتظامات پورا نه هجڻ جو صوبائي صلاحڪار اوقاف ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي انڪواري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. هن ڏس ۾ صوبائي صلاحڪار اوقاف ضياءُ الحسن لنجار ٻڌايو ته سچل سائين جي روضي ۽ ريسٽ هائوس سميت ٻين ترقياتي ڪمن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ذميوار ٺيڪيدارن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي. حضرت سچل سرمست دنيا جو اهو صوفي بزرگ ۽ شاعر آهي جنهن سڄي دنيا ۾ شاعر جي ذريعي امن محبت ۽ پيار جو پيغام ڏنو آهي جنهن جي ڪري ئي سنڌ کي صوفين ۽ درويشن جي ڌرتي سڏيو وڃي ٿو.
ڏيهه توڙي پرڏيهه کان هزارين پانڌيئڙا سچل جي ديس درازا پهچي ويا انتظامات اڻ پورا هجڻ جي ڪري عقيدتمندن ۽ زائرين کي سخت مشڪلات جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي صاف پاڻي نه هجڻ جي ڪري ميلي تي آيل زائرين گندو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن جڏهن ته ميلي جي موقعي تي پوليس جي سرپرستي هيٺ جوا جا وڏا اڏ قائم ڪيا ويا آهن ان کان سواءِ بشنين جا ٽولا آيل زائرين ۽ عقيدتمند جا کيسا خالي ڪرڻ ۾ سرگرم ٿي ويا آهن جن کي به پوليس جي سرپرستي حاصل آهي . حضر سچل سرمست جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي هندستان کان پڻ عقيدتمند پهتل آهن جڏهن ته سچل يادگار ڪاميٽي پاران سڀاڻي ( اڄ) وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه درازا پهچي مزار تي چادر چاڙهي ميلي جو افتتاح ڪندو جڏهن ته بعد ۾ محفل سما، ڪتابن جي مهورت ۽ ايوارڊ ورهائڻ واري تقريات ۾ شرڪت ڪندو. جڏهن ته منجهند جو پي پي ايم پي پير سيد فضل علي شاهه جيلاني سگهڙڻ جي ڪچهري ۾ شرڪت ڪندو جڏهن ته شام جو ملاکڙي واري پرگرام جو مهمان خاص پي پي ايم پي اي نعيم احمد کرل هوندو. رات جو راڳ رنگ جي محفل ۾ پي پي ايم اين اي سيده نفيسا شاهه ، صوبائي وزير معدنيات ، منظور حسين وساڻ ، سيڪريٽري ثقافت سعيد احمد اعواڻ خصوصي طور تي شرڪت ڪندا. جڏهن ته عرس مبارڪ جي ٻئي ڏهاڙي تي سچل ڪامپليڪس ۾ ادبي ڪانفرنس ۽ رات جو مشاعري جا پرگرام رٿيا ويا آهن جنهن ۾ سنڌ جا نالي وارا اديب ، دانشور، شاعر شرڪت ڪندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button