مختصر خبرون

رسول آباد ۾ زميندار جي فش فارم ۾ نامعلوم زهر اڇلائي ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
رسول آباد ۾ زميندار جي فش فارم ۾ نامعلوم زهر اڇلائي ڇڏيو ، لکين روپين جو نقصان ، هنڱورجا ٿاڻي تي واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿيو
تفصيل موجب رسول آباد ۾ علائقي جي زميندار سيد موئذل شاهه جي مڇي واري وڏي تلاءُ ۾ ڪالهه نامعلوم ماڻهن زهر اڇلائي فرار ٿي ويا جنهن سبب سموري مڇي مري وئي آهي هن ڏس ۾ زميندار سيد موئذل شاهه ٻڌايو ته فش فارم ۾ ڇڏيل 6 کان وڌيڪ مڇي ٻيجارو کان سواءِ هڪ ڪلو ۽ ٻن ڪلو گرام واري مڇي زهر سبب مري وئي آهي جنهن سان منهنجو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي اهڙو اطلاع ڪيو آهي پر ڪوبه اڃا تائين تدارڪ نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ڏوهارين جي خلاف ڪا ڪاروائي ٿي آهي. هن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فش فارم ۾ زهر اڇلائيندڙ ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button