باڊھ

باڊھ: ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران سندن پگھارون نه ملڻ خلاف مظاھرو

عبدالمجيد جھتيال، باڊھ

ملازم مظاھرو ڪندي
ملازم مظاھرو ڪندي
ٽائون ڪاميٽي باڊهه جي ملازمن پاران سندن پگھارون نه ملڻ خلاف امداد شهبوزئي، قربان شيخ ۽ امام بخش شيخ جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته گذريل پنجن مهينن کان پگھارون نه ٿيون ڏنيون وڃن جنهن ڪري اسان غريب ملازم ٻچڙن سميت بکون ڪاٽي رهيا آهيون. هنن چيو ته عيد ۾ باقي ٿورا ڏينهن وڃي بچا آهن پر ظالمن کي اسان تي رحم نٿو اچي اسان جي ٻچڙن کي عيد خوشين کان به محروم ڪيو ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي رهيل پگھارون ڏئي فاقا ڪشي کان بچايو وڃي ته جيئن اسان ٻين جيان پنهنجي ٻچن لاءِ عيد خريداري ڪري سگھون. ٻئي طرف ٽائون ڪاميٽي جي صفائي واري عملي پاران گذريل ٻن مهينن کان ٻهارا ڇڏ هڙتال ڪرڻ سبب باڊهه شهر گندگي جي لپيٽ ۾ اچي ويو آهي شهر جون بازارون، روڊ ۽ رستا گندي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. جنهن سبب هتان جي ڪاروبار کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي. جڏهن ته اهم چوڪن ۽ ڪاروباري مرڪزن تي گندگي جا وڏا ڍير جمعه ٿي ويا آهن. شهر جي هر طرف گندگي ۽ غلاظت پکڙجڻ سبب سڄو شهر بدبوءِ جي ور چڙي ويو آهي ايتري قدر جو ڪيترن ئي هنڌن تي ڪتا ۽ ٻلا مئل حالت ۾ پيل آهن. باڊهه ۾ وڌندڙ گندگي ۽ پکڙيل بدبوءِ سبب ڪيتريون ئي بيماريون پيدا ٿي ويون آهن جن ۾ سوين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هوڏانهن باڊهه جي ساڃاهه وندن ڪامريڊ قادر بروهي، الله رکيو ڪانڌڙو، نور محمد بليدي، ۽ ٻين ڊي سي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته باڊهه ۾ صفائي ڪرائي شهرين کي پريشاني کان نجات ڏياري وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button