باڊھ

باڊھ: ٻارهوئي ٻرندڙ سرن جي بٺن رهواسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊهه
Badah; Shahr bahran Sirun Jay Bathan te kam kandr porhyt pic badah 24-07-2013 (640x200)باڊهه ۾ ٻارهوئي ٻرندڙ سرن جي بٺن رهواسين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو. درگاهه شريف محله، ڦلپوٽه محله، ڀٽي چوڪ، پيارو ڳوٺ، انب پور، ذڪريه ڪالوني ۽ ٻين هنڌن تي شهري آبادي ويجھو ٻرندڙ سرن جي بٺن مان تيز هوائن سبب زهريلو دونهون ۽ سڙيل خاڪ اڏامي اچي آساپاس جي گھرن ۾ کاڌ خوراڪ جي شين ۾ پوڻ سبب ڪيترائي ماڻهو توڙي چوپايو مال پيٽ، چمڙي، ڇاتي ۽ اکين جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. جڏهن ته سرن جي بٺن مان خارج ٿيندڙ زهريلو دونهو پڻ انساني زندگي لاءِ هاڃي ڪار ثابت ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سرن جي بٺن تي پورهيو ڪندڙ مزدور پڻ انهن بيمارين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن. سرن جي بٺن جا پورهيت صبح کان شام تائين نٽهڻ اس ۾ دوزخ جهڙو ڏيک ڏيندڙ ٻرندڙ بٺن تي ڪم ڪن ٿا. سڄو ڏينهن باهه تي ڪم ڪرڻ سبب اڪثر پورهيت خطرناڪ بيمارين ۾ وڪوڙجي چڪا آهن. اڳ شهري آبادي کان گھڻو پري چمني وسيلي سرون پچايون وينديون هيون جن جي ٻارڻ ۾ ڪاٺ جو استعمال ڪيو ويندو هو پر وقت گذرڻ سان اهي چمنيون ختم ٿي چڪيون آهن. بٺن جا مالڪ شهري آبادي ڀرسان پنهنجن ذاتي ۽ مسواڙي پلاٽن تي بٺا ٻاري رهيا آهن جن جي ٻارڻ ۾ سارين مان نڪرندڙ توتڙ ۽ شهر مان گند ڪچرو ميڙي استعمال ڪيو وڃي ٿو. شهر جي چئني طرفن کان ٻارهوئي ٻرندڙ سرن جي بٺن سبب باڊهه ۾ گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪاري ڪامڻ، ٽي بي، دم، اکين ۽ پيٽ جي بيمارين سميت مختلف خطرناڪ بيمارين ۾ هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جن ۾ معصوم ٻار ۽ عورتون پڻ شامل آهن. ذڪر ڪيل بيمارين ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جون قيمتي زندگيون ضايع ٿي چڪيو آهن ۽ بيمار ماڻهن جو انگ پڻ وڌندو پيو وڃي. شهر جي ويجھو ٻرندڙ بٺن جي شهر کان ٻاهر منتقلي لاءِ شهر جي ساڃاهه وندن توڙي مختلف قومپرست تنظيمن پاران وقت به وقت احتجاج ڪرڻ سان گڏ ضلعي انتظاميه کي شڪايتون ڪيون آهن پر هن وقت تائين اختيار ڌڻين پاران بٺن جي شهر کان ٻاهر منتقلي لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن. باڊهه جي ذڪر ڪيل پاڙن ۽ محلن توڙي ڪالونين سميت شهري آبادي ويجھو درجني سرن جا بٺا ٻري رهيا آهن. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ناليواري ڊاڪٽر عبدالغفار ڪانڌڙي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سرن جي بٺن مان نڪرندڙ دونهو ۽ خاڪ انسانن ۽ جانورن توڙي پکين جي زندگي لاءِ نهايت ئي هاڃيڪار آهي. هن چيو ته سرن جي بٺن جي خاڪ کاڌ خوراڪ جي شين تي پوڻ ڪري ڪيتريون ئي خطرناڪ بيماريون جنم وٺن ٿيون. ٻئي طرف هتان جي ساڃاهه وندن شهري آبادي لڳ ٻرندڙ سرن جي بٺن کي انساني توڙي جانورن ۽ پکين جي زندگي لاءِ زهر قاتل قرار ڏنو آهي ان ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سماجي اڳواڻن ڊاڪٽر سڪندر ميراڻي، غلام مصطفيٰ ڏيري چيو ته سرن جي بٺن مان خارج ٿيندڙ زهريلي دونهي اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي. بٺن جي سڙيل خاڪ اکين ۾ پوڻ سبب اسان جي پاڙي جا ڪيترائي معصوم ٻارڙا، مرد توڙي عورتون زڪر ڪيل بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن. ايس ٽي پي جي اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي ۽ منور نوناري چيو ته بااثر ماڻهو شهري آبادي ڀرسان بٺا ٻاري انساني زندگين سان کيڏي رهيا آهن. اسان جي سرڪار شڪايتين باوجود ڪو به ڌيان نه ٿي ڏيئي. هنن چيو ته بٺن جي خاڪ ۽ دونهي سبب انسانن سان گڏ گھريلو جانورن ۽ پکين جي صحت کي پڻ سخت نقصان رسايو آهي. هوڏانهن دوڪاندار اڳواڻن سليم لوهر ۽ نور حسين ساريو ٻڌايو ته سرن جي ٻرندڙ بٺن سبب آسپاس ۾ موجود ڪکاوان گھر پڻ غير محفوظ آهن. ڪيترائي ڀيرا ٻرندڙ بٺن مان اڏامندڙ چڻگن سبب ڪکاون گھرن کي باهه لڳڻ جا واقعا پيش اچي چڪا آهن ۽ آسپاس ۾ رهندڙ ماڻهو ۽ جانور توڙي پکي بٺن جي گرمائش سبب مصيبت واري زندگي گھارڻ تي مجبور آهن. هوڏانهن سول سوسائيٽي جي اڳواڻن پروفيسر ذوالفقار ڪولاچي، نور محمد بليدي ۽ ٻين چيو ته باڊهه شهر جي چئني طرفن کان ٻرندڙ سرن جا بٺا علائقي واسين لاءِ آزار بڻيل آهن هنن چيو ته باڊهه جي آبادي جو وڏو حصو بٺن جي دونهي ۽ دز مان پيدا ٿيندڙ خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. هنن چيو ته سرن جا بٺا شهري آبادي کان تمام گھڻو پري هجڻ گھرجن. هوڏانهن هنن گڏيل طور تي ڊي سي لاڙڪاڻو سميت وس وارن کان گھر ڪئي ته باڊهه جي شهرين جي زندگي زهر بڻائيندڙ سرن جا بٺا انساني آبادي کان پري منتقل ڪرائڻ لاءِ اثرائتا اپاءُ وٺي انسانن، پکين ۽ جانورن جون قيمتي جانيون بچايو وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button