پرڏيھي خبرون

ايران جو صدر عراق جي دوري تي

Ahmadi Nejadتھران: اسلامي جمھوري ايران جو صدر جناب محمود احمد نجاد اڄ عراق جي دوري تي روانو ٿي ويو آھي. صدر جناب احمد نجاد بغداد روانو ٿيڻ کان پھريان ڳالھ ٻولھ ۾ چيو ته ايران ۽ عراق جا لاڳاپا بينظير ۽ بي مثال آھن ۽ وڌي ويجھي رھيا آھن. ھن چيو ته اڄ لکين ايراني ۽ عراقي ھڪ ٻئي جي ملڪن جو سفر ڪن ٿا ڇوته ايمان ۽ عمل جي خوبصورت مظاھرو ھتي ئي ٿئي پيو.
ھن چيو ته اڄ ايران ۽ عراق جا فائدا به ھڪ جھڙا آھن ۽ دشمن به ھڪ جھڙا آھن. واضح رھي ته جناب احمدي نجاد جي دوري ۾ نجف اشرف، ڪربلا معليٰ، ڪاظمين ۽ سامره کان علاوه ٻئي مقدس جڳھون به شامل آھن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button