انٽي ڪرپشن پوليس ڄامشورو خزانه آفيس دادو خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو

نويد قريشي، دادو
انٽي ڪرپشن پوليس ڄامشورو خزانه آفيس دادو جي آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر اعجاز زرداري، غلام مصطفيٰ لنڊ،علي بخش ميمڻ، نظير ڀٽو،غلام نبي لغاري فارووق آلکاڻي پير شمس ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جنهن کا ن پوء خزانه آفيس جي ملازمن آفيس جي تالا بندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو جنهن سبب ڪم ڪار ٺپ ٿي ويو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر اعجاز زرداري ۽ شبير ڏيپر ميڊيا کي ٻڌايو ته انٽي ڪرپشن جي آفيسر مون کان 50 لک رپيا گھريا هئا نه ڏيڻ تي هو ڪيس داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هئو ۽ ڪيس داخل ڪيا آهن ياد رهي ته هائي ويز انجنير منير عباسي تي پڻ ڪروڙين رپيا ڪرپشن جا ڪيس داخل آهن هي به ان سلسلي جي ڪڙي آهي، اڪائونٽ آفيسر غلام نبي لغاري جي امڙ سندس پٽ تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد صدمي ۾ فوت ٿي وئي ملازمن پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو اعلان

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close