مختصر خبرون

آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻن ڀائرن خلاف باڊهه ٿاڻي ڪيس داخل

انڊس نيوز ڊاٽ، باڊهه
اليڪشن 2013ع ۾ اين اي 205 ۽ پي ايس 41 تان آزاد اميدوار طور اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ ٻن ڀائرن خلاف باڊهه ٿاڻي تي ڪوڙو ڪيس داخل، تفصيل موجب گذريل رات باڊهه ۾ گوپانگ ۽ بروهي برادري جي ٻن نوجوانن ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ گوپانگ برادري جو هڪ نوجوان هٿ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. هوڏانهن وري باڊهه پوليس وڏيرن جي چرچ تي تازو اليڪشن 2013ع ۾ آزاد اميدوار طور حصو وٺندڙ ٻن نوجوان ڀائرن اين اي 205 جي اميدوار نور احمد بروهي ۽ پي ايس 41 جي اميدوار سڪندر علي بروهي تي پڻ ساڳي واقعي جي ايف آءِ آر ڪاٽي کين مک جوابدار ڄاڻائي ڇڏيو آهي. ٻئي طرف نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي. هنن چيو ته اسان جو واقعي سان ڪوبه واسطو نه آهي ۽ اسين واقعي رونما ٿيڻ ۽ ان ۾ هڪ نوجوان جي زخمي ٿيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. هنن وڌيڪ چيو آهي ته گذريل اليڪشن ۾ تر جي وڏيرن سامهون اسان فارم ڀرائي سندن ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون ۽ کين باڊهه ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پئجي ويو هيو ان ڳالهه جو بدلو وٺندي انهن سياسي مفاد پرست ۽ اقتدار پرست وڏيرن جي اشاري تي اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان کي سياسي انتقامي ڪاروائي جو نشانو بڻايو پيو وڃي. هنن وزيراعظم پاڪستان، وزيراعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ، چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ اليڪشن ڪيمشن آف پاڪستان کان پرزور گهر ڪئي آهي ته اسان مٿان داخل ڪوڙي ڪيس جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ مفاد پرست ايوان ۾ ويٺل وڏيرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button