جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف هنڱورجا ۾ مظاھرو
8 جون ، 2013آخري ڀيرو ايڊيٽ ٿيل 8 جون ، 2013
0 ھڪ منٽ کان گھٽ
انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا جسقم ڪارڪن احتجاج ڪنديجيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين صنعان خان قريشي جي مٿان ڪيس داخل ٿيڻ خلاف هنڱورجا ۾ جسقم جي ڪارڪنن يوسف ميمڻ، ظهور دايو، منعان ميمڻ، شاهد سومرو، عتيق سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ پنجابي غنڊن سنڌي ماڻهن جي گهرن تي بنا جواز فائرنگ ڪئي ۽ پوليس پنجابي غنڊن جي ونگار وهندي جسقم چيئرمين ۽ پارٽي اڳواڻن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد جا سچا پيروڪار ڪوڙن ڪيسن ۽ ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا ناهن سيد جي نظريعي ۽ فڪر تان هڪ قدم به پوئتي نه هٽنداسين.