ڄامشورو

ڄامشورو: پوليوخلاف مھم جي سلسلي ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ پيش رفت جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڄامشورو

 پوليوخلاف مھم جي سلسلي ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ پيش رفت جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي
پوليوخلاف مھم جي سلسلي ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ پيش رفت جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي
پوليوخلاف مھم جي سلسلي ۾ روزانو جي بنياد تي ٿيندڙ پيش رفت جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ساجد جمال ابڙو طرفان مسلسل اجلاس طلب ڪيا پيا وڃن، ته جيئن پوري ضلع مان ان موذي مرض جو مڪمل صفايو ڪرڻ ۽ ڪامياب مھم لاءِ بھتر حڪمت عملي مرتب ڪري سگھجي. اجلاس دوران ڊي سي ڄامشورو رفيوزل(Refusal) ۽ نان اويل ايبل(Non-Available) ڪيسن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي قاضي مشتاق کي ھدايت ڪئي ته ھو صحت کاتي ۽ پوليس نفري سان گڏ ان مھم جي پاڻ نگراني ڪري، ته جيئن باقي ٻارڙن کي به ڦڙا پياري سگھجن. اجلاس ۾ پوليو مھم سان لاڳاپيل آفيسرن بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر کي ٻڌايو ته تازي مھم 27 کان 29 مئي تائين جاري رھي، تاھم گھربل حدف تحت رفوزل ۽ نان اويل ايبل ڪيسن مڪمل ڪرڻ جو عمل جاري آھي. جڏھن ته 443 رفيوزل ڪيسن مان صرف 141 ڪيس ۽ 15583 نان اويل ايبل ڪيسن مان ھاڻ 2118 ڪيس باقي آھن، جن کي ايندڙ ھڪ ٻن ڏينھن اندر مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان مھم دوران حائل رڪاوٽن ۽ ٻين پيچيدگين کي احسن انداز سان حل ڪيو پيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ عوام الناس جو سھڪار اشد ضروري آھي. ھنن ٻڌايو ته مذھبي عقيدت جي سبب ڪجھ ماڻھن پنھنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان گريز ڪئي، پر کين سمجھائي ڪري معاملي کي حل ڪيو ويو آھي ۽ اميد ڏيکاري ته ھاڻ گھربل حدف حاصل ڪيو ويندو. جڏھن ته ڊپٽي ڪمشنر علائقي جي معززين ۽ والدين کي گھرائي کين پنھنجن ٻارن کي پوليو جا قطرا پيارڻ تي آماده ڪيو، جن پنھنجي پوري تعاون جو پڻ يقين ڏياريو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button