ھنڱورجا

ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي گسٽا اڳواڻ ۽ جسقم اڳواڻ اڃان آزاد نه ٿيا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

 هنڱورجا واسي گسٽا اڳواڻ ۽ جسقم اڳواڻ
هنڱورجا واسي گسٽا اڳواڻ ۽ جسقم اڳواڻ
ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي گسٽا اڳواڻ ۽ جسقم اڳواڻ 33 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود اڃا تائين پوليس کين کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام سندن جي گهرن ۾ اڃا تائين ڪهرام متل ، ڌاڙيلن پاران 40 لک ڀنگ طلب وارث پئسا نه هئڻ ڪري سخت پريشان ، شهرين پاران مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو تفصيل موجب ٽنڊومستي ٿاڻي جي حد مان 33 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل هنڱورجا واسي گسٽا اڳواڻ محمد هاشم ميمڻ ۽ جسقم اڳواڻ سراج ميمڻ کي پوليس انتظاميه اڃا تائين ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائڻ ناڪام ٿي وئي آهي جڏهن ته ٻنهي مغوين جي گهرن ۾ اڃا تائين ڪهرام متل آهي ۽ عورتون پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ پاڪ ڪتاب جو ورد ڪري الله جي در ٻاڏائي رهيون آهن جڏهن ته ڌاڙيلن جي پاران ٻنهي مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن کان 40 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي پر مغوين جا وارث انتهائي غريب ۽ مسڪين هجڻ ڪري سندن وٽ پئسا نه هجڻ سبب هو سخت پريشان ٿي ويا آهن هوڏانهن مغوين جي بازيابي لاءِ شهرين رياض ميمڻ، مشتاق ميمڻ ، غلام حسين ، عزيز احمد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي شهرين چيو ته پوليس انتظاميه مغوين جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا هنن چتاءُ ڏنو ته مغوين کي جلد آزاد نه ڪرايو ويو ته شهر ۾ شٽربند هڙتال جو سڏ ڏئي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو. هنن وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه ، ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button