ھنڱورجا

هنڱورجا جي عيسائي محلا ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو پاڻي اٿلي پيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

هنڱورجا جي عيسائي محلا ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو پاڻي اٿلي پيو
هنڱورجا جي عيسائي محلا ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو پاڻي اٿلي پيو
هنڱورجا جي عيسائي محلا ۾ صفائي نه ٿيڻ ڪري نالين ۽ گٽرن جو پاڻي اٿلي پيو گندو پاڻي گهرن ۾ ڪاهي پيو صفائي وارو عملو گهر ويٺي پگهارون کائڻ ۽ وڏن ماڻهن جي بنگلن ۾ ٻهاري ڏيڻ ۾ پورو آهي شهرين پاران صفائي نه ٿيڻ واري عمل خلاف مظاهرو ۽ ڌرڻو سفيد پوش ڀنگين جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو مطالبو
تفصيل موجب هنڱورجا جي عيسائي محلا ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان صفائي واري عملي پاران گهٽين ۽ نالين جي صفائي نه ٿيڻ جي ڪري نالين ۽ گٽرن جو گندو پاڻي گهرن ۾ اندر ڪاهي پيو آهي جنهن سبب گهرن جون جڳهيون ۽ ديوارون ڪرڻ لڳيون آهن جڏهن ته شهرين پاران ڪيترائي ڀيرا ٽي ايم او آفيس ۽ يوسي آفيس ۾ صفائي نه ٿيڻ جون دانهون ڪيون آهن پر ڪير به سندن جي ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي هوڏانهن صفائي نه ٿيڻ خلاف شهرين ڀاڳيل سولنگي، رضا محمد، محمد عيسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو هنن الزام لڳايو ته هنڱورجا شهر جي صفائي لاءِ 103 ڀنگي مقرر آهن پر اڪثر عملو وڏن ماڻهن جي بنگلن ۾ ٻهاري ڏيڻ پورو آهي عيسائي محلا سميت سڄي شهر جي صفائي نه ٿيڻ جي ڪري گهٽيون گندگي جا ڍير بڻجي ويون آهن هنن مطالبو ڪيو ته سفيد پوش ڀنگين خلاف ڪاروائي ڪري عيسائي محلا سميت سڄي شهر ۾ صفائي ڪرائي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button