مختصر خبرون

نيو سعيد آباد شهر مان حددخلين جو فوري طور تي خاتمو آندو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ مٽِياري
نيو سعيد آباد شهر مان حددخلين جو فوري طور تي خاتمو آندو وڃي ۽ شهر جي صفائي ۽ نڪاسي آب جي نظام کي بنا دير درست ڪيو وڃي ۽ سرڪاري عملدار عوام جا مسئلا بنا ديرحل ڪن ۽ پنهنجون ذميواريون شهرين جي خدمت واري جذبي سان ادا ڪن_ اهڙي هدايت ڊپٽي ڪمشنر مٽِياري فياض حسين لغاري اڄ صبح سوير سعيد آباد شهر جي دوري دوران نيو سعيد آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر عبدالڪريم سنگراسي، ٽي ايم او ۽ بين واسطيدار عملدارن کي ڏني _ ڊپٽِي ڪمشنر مٽياري اڄ صبح نيو سعيد آباد شهر جو تفصيلي دورو ڪيو _ هن شهر ۾ حددخلين جي وڌندڙ رجحان تي پنهنجي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو ۽ حددخلين جي خاتمي لاءِ نيو سعيد آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر ، ڊي ايس پي ۽ ٽي ايم او تي ٻڌل ڪاميٽي تشڪيل ڏني ۽ کين هدايت ڪئي ته هو فوري طور تي گڏجاڻي ڪري ان ڏس ۾ حڪمت عملي مرتب ڪن ۽ نتيجه خيز ڪوششون شروع ڪن _ فياض حسين عباسي پبلڪ لائبريري جي اڻ مڪمل عمارت جو دورو ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ته لائبريري جي تعمير جو گهڻي ڀاڱي ڪم مڪمل ٿيل آهي پر شاگرد ان مان فائدو حاصل ڪرڻ کان محروم آهن _ڊپٽي ڪمشنر اعلان ڪيو ته تمام جلد هن عمارت کي مڪمل ڪري ڪتاب ، رسالا ۽ اخبارون رکيون ويندوين . هن چيو ته لائبريريون ۽ ڪتاب شآگردن کي مثبت سرگرمين ڏانهن راغب ڪن ٿيون ۽ شآگرد منفي عملن کان بچن ٿا _ ڊپٽي ڪمشنر پبلڪ پارڪ جو پڻ دورو ڪيو ۽ چيو ته پارڪ جو ڪم پڻ ڪرايو ويندو _ هن ، صحت مرڪز ۽ ٽراما سينٽر ۽ مذبح خاني جو پڻ دورو ڪيو .
بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري شهرين ۽ سماجي تنظيمن جي نمائندن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي _ ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته شهرين جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ ماڻهن کي گهربل سهولتون پهچائڻ لاءِ شروعات ڪئي ويئي آهي _ هن چيو ته شهر جا مسئلا انتظاميه ۽ شهرين جي گڏيل ڪوششن سان ئي حل ٿيندا _ هن چيو ته شهر ۾ مسافر خانو مناسب طريقي سان قائم ڪيو ويندو _ هن سماجي تنظيمن جي نمائندن جي شڪايت تي چيو ته هو هر پندرهين ڏينهن نيو سعيد آباد جو دورو ڪندو ۽ سندس ايندڙ دوري ۾ سڀئي سرڪاري کاتن جا ضلعي عملدار پڻ موجود هوندا ته جيئن شهرين جا مسئلا ترت حل ٿي سگهن .
ڊپٽي ڪمشنر مٽياري فياض حسين عباسي، مٽياري شهر ۾ واٽر سپلاءِ جي تلائن جي صفائي جي عمل جو معائنو ڪيو _ هن شهر کان ٻاهر نئين واٽر سپلاءِ جي اسڪيم جو پڻ معائنو ڪيو جيڪا ساڍا اٺ ڪروڙ رپين جي لاڳت سان مڪمل ٿي آهي پر ان ڪم شروع نه ڪيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري جي ڪوششن سان چئن سالن کانپوءِ اڄ کان ان اسڪيم جي تلائن مان شهرين کي پاڻي جي فراهمي شروع ٿيندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button