آرٽيڪل

نئين حڪومت جو قيام، مسئلا چئلينجز ۽ عوام جون اميدون

عبدالقيوم انصاري
Abdul Qayoom Ansariاليڪشن 2013 ڪيترن ئي ماڻهن جي اڳڪٿين، مخالفتن ۽ دهشتگردي جي واقعن باوجود به بغير ڪنهن وڏي اڻوڻندڙ واقعي جي ٿي گذري، پر سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ هارائيندڙ اميدوارن پاران اليڪشن ۾ ڌانڌليون ٿيڻ جا الزام هڻڻ سميت انهن جا ثبوت پيش ڪيا، جنهن مان ڪراچيءَ جي اين اي 250 تي اليڪشن ڪميشن پاران ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر چونڊ ڪرائي وئي. انهن تمام مسئلن جي باوجود سنڌ حڪومت جي واڳ پيپلزپارٽي جي هٿ ۾ اچي وئي آهي ۽ سيد قائم علي شاهه هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي وڏي وزير طور پنهنجي ڪابينا سميت قسم کڻي ورتو آهي.نئين حڪومت جي اچڻ سان عوام ۾ سنڌ جي اهم مسئلن بجلي بحران، پاڻي جو بحران، بيماريون، قبيلائي تڪرار، بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙن مسئلن مان ڇوٽڪاري جي ڪا به اميد ظاهر نه پئي اچي. گرمين ۾ لوڊشيڊنگ سبب عوام ۾ نااميدي پيدا ٿي چڪي آهي، ماڻهو ان ڳالهه کي مڃڻ لاءِ مجبور ٿي چڪا آهن ته شايد بجلي جو بحران اسان جي ملڪ ۾ دائمي آهي ۽ اهو ڪڏهن ختم ٿي ڪو نه سگهندو. تازي رپورٽ موجب ته ليسڪو سميت ملڪ جي تمام بجلي ڊسٽريبيوشن ڪمپنين پاران سڄي ملڪ ۾ برابري جي بنياد تي لوڊشيڊنگ شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، پر اهڙا ڪيترائي اعلان اڳ ۾ به ٿي چڪا آهن پر هن وقت تائين صرف ۽ صرف عوام کي اعلان ئي ٻڌڻ جي لاءِ مليا آهن. نئين جاري ٿيل شيڊول موجب گهريلو، صنعتي، ڪمرشل ۽ ٽيوب ويل صارفين جي لاءِ هاڻي صرف 10 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي. سنڌ جي دريائن جا وهڪرا پڻ گهٽجي ويا آهن، جنهن سبب سڄي سنڌ جي شاخن ۾ پاڻي نه پهچڻ سبب آبادگا پريشان ٿي ويا آهن، روزانو ڪيترن ئي شهرن جان آبادگار ڀائر پاڻي جي کوٽ خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن، جڏهن ته پاڻي نه هجڻ جي ڪري اڃا تائين ووئڻن جو فصل پوکجي ناهي سگهيو، جنهن سبب هيل سنڌ ۾ زراعت ۾ رڪارڊ کوٽ ٿيڻ جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي. شهري علائقن ۾ به پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن جي ڪري شهري پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻيل آهن ۽ هو جر جي کاري پاڻي پيئڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ صالح پٽ ۾ جر جو پاڻي زهريلو پاڻي پيئڻ جي ڪري ڪيترائي اسڪول جا ٻارڙا پڻ بيهوش ٿي ويا هئا، شهري علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيڻ سبب شهرين کي نساسڪ پاران گندو پاڻي سپلاءِ ٿي رهيو آهي جنهن سبب ڪيترائي مرد، عورتون توڙي ٻار گيسٽرو ۽ چمڙيءَ جي بيمارين وگهي اسپتال ڀيڙا ٿي چڪا آهن. سوني سهاڳو وري اهو ته توهان کي اسان جي شهري توڙي ٻهراڙي جي صحت مرڪزن جي حالت کان باخبر هوندا، جتي مريضن لاءِ ڪي به سهولتون موجود نه آهن، جنهن جي ڪري غريب، مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهو هزارين روپيا خرچ ڪري نجي اسپتالن ڏانهن وڃن پيا. بدامني ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو به ڪنهن صورت ۾ پوئتي رهڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ جي اترين شهرن سکر، شڪارپور، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ٻين شهرن ۾ هر آئي ڏينهن موٽر سائيڪلن جي چورين جون وارداتن ۾ واڌاروڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ روزانو ڪيترائي ماڻهو ٽارگيٽ ڪلنگ جو پڻ نشانو بڻجن ٿا، تازو سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پاران وڏ وزارت جو قسم کڻڻ کان بعد آءِ جي سنڌ کي ڪراچي سميت سموري سنڌ صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ پڻ چيو ويو آهي. ڪجهه وقت اڳ سکر جي ايس ايس پي پير محمد شاهه جي سکر مان بدلي کانپوءِ سکر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چوري جي وارداتن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، شهري کان هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن علائقي مان موٽر سائيڪلون ڦرجي رهيون آهن. اگر سنڌ جي مجموعي صورتحال کي ڏسجي ته روزانو هر شهر ۾ پاڻي جي کوٽ، بجلي جي کوٽ، ٽارگيٽ ڪلنگ، بدامني، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪري ماڻهو ڪٿي ڌرڻا ته ڪٿي بک هڙتالون ڪري احتجاج پيا ڪن، واڳ ڌڻين پاران هن مهل تائين ڪي به اهڙا قدم ناهن کنيا ويا جنهن جا ڪي خاطرخواه نتيجا ڏسجڻ ۾ آيا هجن. نئين حڪومت ايندي ئي اهي سڀ مسئلا هڪ ڀيرو ٻيهر غور طلب آهن. گذريل حڪومت انهن سڀني مسئلن حل ڪرڻ بدران انهن جوباعث مشرف حڪومت کي بڻائيندي پاڻ کي آجو قرار ڏيندي رهي آهي، هاڻي ڏسجي ته نئين صوبائي توڙي وفاقي حڪومت انهن سڀني مسئلن جي حل لاءِ ڪهڙا اپاءُ ٿي وٺي.
[email protected]

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button