ھنڱورجا

محراب پور پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ، فائرنگ جي ڏي وٽ، ٻن ڏهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

محراب پور پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ، فائرنگ جي ڏي وٽ، ٻن ڏهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا
محراب پور پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو ، فائرنگ جي ڏي وٽ، ٻن ڏهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعوا
محراب پور پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو فائرنگ جي ڏي وٽ بعد پوليس پاران ٻن ڏهارين کي گرفتار ڪري سندن وٽان ڦريل موٽر سائيڪل ، هڪ ڪلاشنڪوف ، رپيٽر هٿ ڪرڻ جي دعوا، ڪيس داخل
تفصيل موجب محراب پور ٿاڻي جي حد لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل ڦريندڙ ڏهارين سان اوچتو پوليس جو مقابلو ٿي پيو جنهن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ جي ڏي وٽ بعد ٻن ڏوهارين عبدالقدير کوسو ۽ شهزادو ڪلهوڙو کي پوليس هٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي هن ڏس ۾ ڊي ايس پي ڪنڊيارو اعجاز احمد کوکر ، ايس ايڇ او محراب پور اسد نبي کچي پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته گرفتار ڪيل عبدالقدير کوسو وٽان ڪلاشنڪوف ۽ شهزادو ڪلهوڙو وٽان هڪ رپيٽر ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل برآمد ڪئي آهي جڏهن ته ٻئي ڏوهاري خيرپور ۽ نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڦرن ۽ چورين جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل آهن ۽ ٻئي وڏا خطرناڪ ڏوهاري آهن ٻئي پاسي جميعت علماءِ اسلام جي مرڪزي اڳواڻ مولانا مير محمد هنجراهه جي پٽ عبدالماجد ۽ مفتي عبدالفتاح محراب پور ٿاڻي تي پهچي گرفتار ڪيل ٻنهي ڏوهارين جي سڃاڻپ ڪندي پوليس کي ٻڌايو ته سندن کان 24 مئي تي ڪنڊياري ڀرسان شاهه جمال پئٽرول پمپ ڀرسان ڦر ڪيل موٽر سائيڪل ۾ ٻئي ڏوهاري ساڳيا آهن جن اسان کان موٽر سائيڪل ڦر ڪئي هئي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button