مختصر خبرون

قرض ۽ گهرو پريشاني سبب تپيدار پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي آپگھات ڪري ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
قرض وڌڻ ۽ گهرو پريشاني وڌي وڃڻ تي تپيدار پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي آپگھات ڪري ڇڏي، گهر ۾ ڪهرام، گهرواري کي بيهوشيءَ جا دورا، علائقي ۾ ڏک واري صورتحال ڇانيل، تفصيل موجب؛ مورو ڀرسان نوان جتوئي شهر جي ملاح محلي ۾ گهر اندر 45 سالن جي تپيدار محمد هاشم ملاح پاڻ تي پيٽرول هاري باھ ڏئي ڇڏي جنهن ڪري محمد هاشم ملاح جو 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو جنهن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي جي اسپتال ۾ منتقل ڪيو پيو ويو ته هو رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، خودڪشي ڪرڻ جو اصل ڪارڻ گهڻو قرض وڌي وڃڻ ڪري ذهني طور مفلوج ۽ پريشان رهڻ ۽ گهرو پريشانيون وڌي وڃڻ هو جنهن تي هن اهڙو قدم کنيو هن کان اڳ پڻ هن ٻه دفعا خودڪشيءَ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن تي بچايو ويو هڪ دفعو پاڻ کي ٽرالر جي هيٺان ڏئي ۽ ٻيو دفعو جيت مار زهريلي دوا پيتائين پر هاڻ ڪيل ٽئين آپگھات پاڻ مٿان پيٽرول هاري باھ ڏيڻ واري واقعي ۾ بچي نه سگهيو، هو نوشهروفيروز تعلقي ۾ ديھ جو تپيدار هيو، آپگھات ڪندڙ محمد هاشم ملاح کي هڪ بيواھ ۽ چار پٽن جو اولاد آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button