مختصر خبرون

غلام مرتضى جتوئي صنعت ۽ پيدوار جو وفاقي وزير ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ نوان جتوئي ۾ ريلي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مورو
رئيس غلام مرتضى جتوئي صنعت ۽ پيدوار جو وفاقي وزير ٿيڻ جي خوشيءَ ۾ نوان جتوئي ۾ مختلف برادرين جنهن ۾ کوسه برادريءَ، مستوئي برادريءَ ، گبول برادريءَ، جتوئي برادريءَ، ميمڻ برادريءَ، خاصخيلي برادريءَ، ڀٽي برادريءَ، ڏهر برادريءَ، اُتيرا برادريءَ، شينو برادريءَ، پنهور برداريءَ، چنه برادريءَ ۽ ٻين بردارين طرفان ايوب کوسو، رئيس عبيدالرحمان جتوئي، ڊاڪٽر نُور محمد پنهور، وڏيرو زبير احمد ڪوريجو، حبيب خاصخيلي، علي اصغر مستوئي، اعجاز علي مستوئي، نذير علي شينو، ڪاشف گبول، منظور ميمڻ، انيس چنه، قربان کوسو، غلام نبي گبول، محمد چانڊيو، سماڻو خان چانڊيو، غلام حسين جتوئي، سليم کوسو، محرم مستوئي، وڪيل محمد اعظم مستوئي، امير علي ملڪ، اياز علي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ خوشيءَ ۾ دهلن شرنائين سان برادرين جي سوين ماڻهن جي هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي جيڪا نوان جتوئي شهر جي مخلتف رستن کان ٿيندي جتوئي هائوس تي پهتي جتي خوشيءَ ۾ جهمريون هنيو ويون ۽ مٺائي ورهائي وئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي غلام مرتضى خان جتوئي کي وفاقي وزير ٿيڻ تي مبارڪ باد ڏيندي چيو ته جتوئي خاندان هميشھ سنڌ ۽ سنڌ جي عوام جي حقن جي حاصلات ۽ پوئتي پيل علائقن کي ترقي ڏيارڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي تعليمي ادرا، روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون قائم ڪرايون آهن، انهن علائقن ۾ سوئي گئس بجلي ۽ ٽيليفون جي سهولت ڳوٺن ۾ فراهم ڪئي آهي ۽ نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي، هنن چيو ته 60 سالن کان جتوئي خاندان جي خدمت جو تسلسل جاري آهي ۽ هاڻي به وفاقي وزير ٿيڻ کانپوءِ پوئتي پيل علائقن کي ترقي ڏياريندو، عوام جا مسئلا ۽ مشڪلاتون ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائيندو ۽ بي روزگار نوجوانن کي روزگار مهيا ڪرائيندو، ڇو ته جتوئي خاندان جي سياست جو مهور ئي غريب عوام جي خدمت آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button