مختصر خبرون

سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي سکر مان اغوا ٿيل ٻن نارين کي هٿ ڪري 9 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کي سکر مان اغوا ٿيل ٻن نارين کي هٿ ڪري 9 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو بچل شاهه مياڻي جي رهواسڻ ظهوران پاران سندس ٻن ڌيئرن تهمينا ۽ شمائلا جي اغوا خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي عدالت سکر ۽ شڪارپور پوليس کي سختيءَ سان حڪم جاري ڪيو آهي ته ٻنهي نارين کي بازياب ڪرائي سندن اغوا ۾ ملوث جوابدارن سميت 9 جون تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ٻنهي ڌيئرن کي مدئجي سان تعلق رکندڙ جوابدار منور ابڙو ۽ سندس ساٿي 31 مئي تي زبردستي اغوا ڪري ويا، پوليس اڃا تائين نه جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ نه ئي سندس ڌيئرن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي اپاءَ ورتا پيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button