خيرپور

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خيرپور آمد تي شاندار استقبال

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خيرپور آمد تي شاندار استقبال
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي خيرپور آمد تي شاندار استقبال
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وڏي وزير جو قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ پهريون دفعو خيرپور پهتو جنهن جو سکر ايئر پورٽ تي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو ويو. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه سکر ايئرپورٽ کان شاندار ريلي جي صورت ۾ خيرپور روانو ٿيو جڏهن ته ٻٻرلوءِ، ڪرم آباد، ٺيڙهي، ڳوٺ سليمان ڪٽوهر، فيض آباد ڪالوني ، ٺيڙهي ڦاٽڪ، سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن پاران شاندار استقبال ڪيو گُلن جا هار پارايا. جڏهن ته بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ شهر جي معززين ۽ مختلف کاتن جي ڊويزنل توڙي ضلعي عملدارن سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي آفيسرن پڻ وڏي وزير کي وزير اعلى ٿيڻ تي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي، ڊي آءِ جي سکر سلطان احمد خواجه، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، سنڌ سٽيز امپروومينٽ پروگرام جو ڊائريڪٽر محمد عباس بلوچ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button