ھنڱورجا

رسول آباد: خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر پاران مدي خارج سيون هڻي غلط علاج ڪرڻ خلاف مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

رسول آباد: خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر پاران مدي خارج سيون هڻي غلط علاج ڪرڻ خلاف مظاھرو
رسول آباد: خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر پاران مدي خارج سيون هڻي غلط علاج ڪرڻ خلاف مظاھرو
رسول آباد جي ڳوٺ خيرمحمد ٽانوري جي ڳوٺاڻن جو خانگي اسپتال جي ڊاڪٽر پاران مدي خارج سيون هڻي غلط علاج ڪري نوجوان جاويد ٽانوري کي مرڻينگ ڪرڻ خلاف عبدالحڪيم ، حاجي خان ٽانوري، محمد صديق ، لطيف ، طالب حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهرين الزام لڳايو ته رسول آباد ۾ نجي اسپتال جي ڊاڪٽر امان الله ميمڻ اسان جي انٽر جي شاگرد جاويد ٽانوري جو اسپتال ۾ غلط علاج ۽ ان کي مدي خارج سيون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هن وقت ڪراچي جي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي ان ڊاڪٽر جي خلاف هنڱورجا ٿاڻي تي رپورٽ پڻ درج ڪرائي آهي پر ان جي باوجود بااثر ڊاڪٽر جي خلاف ڪابه ڪاروائي نٿي ڪئي وڃي. هنن وزيراعلي سنڌ ۽ اعلي اختارين کان مطالبو ڪيو ته ظالم ڊاڪٽر خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button