جوھي

جوهي ۾ انتقامي ڪارروايون شروع، ٽي ن ليگ اڳواڻ گرفتار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،جوهي

جوھي ۾ ن ليگ اڳواڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج
جوھي ۾ ن ليگ اڳواڻن جي گرفتاري خلاف احتجاج
جوهي ۾ انتقامي ڪارروايون شروع جوهي پوليس ۽ واهي پانڌي پوليس ٽن مسلم ليگ (ن) اڳواڻن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو هڪ واپاري آزاد ، مسلم ليگ ( ن) پاران ٿاڻي ۽ پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار ڌرڻا روڊ بند ، خبر موجب جوهي پوليس شهر جي برک واپاري ۽ مسلم ليگ ( ن ) شاه محمد جمالي جي ڪارخاني تي چڙهائي ڪري واپاري کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو اهڙي عمل خلاف مسلم ليگ ( ن) پاران اڳوڻي تعلقه نا ظم ڊاڪٽر بنده علي لغاري ، رفيق لغاري ، شمس الدين باهوٽو ، ڊاڪٽر ابراهيم رند ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فاضل چوڪ کان احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي جو گهيراءٌ ڪري پوليس خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ٿاڻي جي مين گيٽ ۽ پريس ڪلب جوهي آڏو جوهي _ دادو روڊ تي ڌار ڌار ڌرڻا هنيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پ،پ،پ سرڪار ٺهندي ترقياتي ڪمن بجاء انتقامي ڪارروايون شروع ڪري ڏنيون آهن هنن چيو ته جنهن جو مثال اڄ جوهي جي مشهور واپاري شاه محمد جمالي جي ڪارخاني تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪري تذليل ڪئي وئي آهي هنن چيو ته اليڪشن ۾ خاص ڪري جمالي برادري جي ماڻهن پاران ووٽ مسلم ليگ (ن ) کي ڏيڻ جي سزا ڏني پئي وڃي هنن چيو ته واهي پانڌي ۾ پڻ انتقامي نشانو بڻائيندي شاهنواز جمالي ۽ عمر جمالي کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي هنن چيو ته جوهي جي ماڻهن شروعات ۾ انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي اڳتي ڪهڙو حشر ڪندا ڌرڻي سبب جوهي دادو روڊ بند ٿي ويو ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي دوران جوهي پوليس گرفتار واپاري شاه محمد جمالي کي آزاد ڪري ڇڏيو جنهن تي اڳواڻن ڌرڻو ختم ڪندي چتاء ڏيندي چيو ته باقي ٻين گرفتار اڳواڻن کي به آزاد نه ڪيو ويو ته ٻيهر جوهي سميت سڄي سنڌ اندر احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button