ھنڱورجا

جسقم ڪنهن به ريت سنڌي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ، جسقم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

جسقم ڪنهن به ريت سنڌي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ، جسقم
جسقم ڪنهن به ريت سنڌي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ، جسقم
جيئي سنڌ قومي محاذ ضلعي خيرپور جي چيف آرگنائيزر علي عثمان ميمڻ، ايوب لاشاري ، رحيم سهتو، پرويز لنجار هنڱورجا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ۾ هلندڙ خوني تقرار ۽ قبيلائي جهيڙن خلاف 14 جون تي ڪمب شهر ۾ اڇا ۽ ڳاڙها جهنڊا تي شاهه جو رسالو ساڻ ڪري امن ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو آهي اڳواڻن چيو ته خيرپور ضلعي پوليس انتظاميه هٿ وٺي برادرين ۽ سياسي گروپن وچ ۾ جهيڙا ڪرائي ماڻهو مارائي پئي اهڙن جهيڙن ڪرائڻ جو مقصد سنڌي ماڻهن جو سنڌ جي اهم ۽ بنيادي مسئلن ۽ ڌرتي جي آزاد واري تحريڪ تان منهن موڙڻ آهي هن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ بدامني ۽ لاقانونيت جو راڄ آهي جو جسقم جي 4 ڪارڪنن سميت ضلعي ۾ 15 ڄڻا ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن پر پوليس انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آهي هنن چيو ته ڪنب شهر ۾ سرعام هٿياربند پنهنجي مخالفن جي ٽارگيٽ ڪري قتل ڪري رهيا آهن انهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي هنن چيو ته جسقم ڪنهن به ريت سنڌي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي جهيڙيندڙ ڌرين ڏانهن منٿ ميڙ قافلا وٺي وڃي هر صورت ۾ کين کي امن ۽ سرچاءُ ڪرڻ لاءِ چونداسين. جسقم اڳواڻن اعلان ڪيو ته پوليس انتظاميه سميت ٻيا سرڪاري قانون لاڳو ڪندڙ ادارا امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن جنهن ڪري 14 جون تائين قانون لاڳو ڪندڙ ادارا پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪن ته جسقم ڪارڪن سنڌي ماڻهن جي حفاظت لاءِ پنهنجا رضاڪار مقرر ڪيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button