اليڪشن 2013باڊھ

11 مئي نواز ليگ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، امداد حسين چولياڻي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ

امداد حسين چولياڻي
امداد حسين چولياڻي
باڊهه: پي ايس 41 تي نواز ليگ جي اميدوار امداد حسين چولياڻي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪالهه ڳوٺ روشن مغيري، ڳوٺ ڪمالپور، ڳوٺ سائين داد کوکر ۽ باڊهه جي مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين ۽ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندي چيو ته 11 مئي نواز ليگ جي فتح جو ڏينهن ثابت ٿيندو، هن چيو ته پ پ وارن گذريل 5 سالن دوران عوام کي بيروزگاري، مهانگائي، بدامني ۽ لوڊشيڊنگ جهڙا تحفا ڏنا، جنهن ڪري هن ملڪ جو عوام پ پ جي ٺلهن نعرن کان تنگ اچي ويو آهي، هن چيو ته پ پ حڪمرانن سنڌ سان وڏيون ناانصافيون ڪيون، اقليتن کي تحفظ ڏيڻ بجاءِ کين ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، هن چيو ته اقتدار ۾ اچي سمورا سنڌ دشمن منصوبا رڌ ڪنداسين، هن چيو ته پي ايس 41 جو عوام نواز ليگ ڏانهن واجهائي رهيو آهي، ايندڙ چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي هن تڪ جي ماڻهن کي روزگار ۽ ترقياتي اسڪيمون ڏئي علائقي کي خوشحال بڻايو ويندو. ان موقعي تي عبدالخالق مغيري، اعجاز خان ڏهر ۽ سليم ڏيرو پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button