اليڪشن 2013ٽنڊو محمد خان

موجود اليڪشن انجنئيرڊ نظر اچي رهي آهي، سماجي تنظيم جا اڳواڻ

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

موجود اليڪشن انجنئيرڊ نظر اچي رهي آهي، سماجي تنظيم جا اڳواڻ
موجود اليڪشن انجنئيرڊ نظر اچي رهي آهي، سماجي تنظيم جا اڳواڻ
سماجي تنظيم انڊس فيوچر فائونڊيشن جي چيئرمين پنهل ساريو ،ڊائريڪٽر اصغر لغاري ۽ فرحان عباسي چيو ته موجودھ اليڪشن انجنئيرڊ نظر اچي رهي آهي ۽ جيڪڏهن ائين ئي ڪرڻو هو ته پوءِجسٽس رٽائرڊ فخرالدين ابراهيم جهڙي معتبر ماڻهو کي اليڪشن ڪميشن جي اهم سيٽ تي ويهارڻ جي ضرورت نه هئي، اهڙي خيالن جو اظهار هنن ٽنڊو محمد خان ۾ پر هجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو، هنن چيو ته ٽنڊو محمد خان جي پي ايس 54 تي چونڊ جلسي ۾ فائرنگ وارو عمل ۽ اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي اغوا وارا واقعا اهڙا عمل آهن جنهن سان هڪ ته ووٽرن ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ۽ ٻيو اليڪشن نه ڪرائڻ يا ملتوي ڪرائڻ يا ٽرن آئوٽ گهٽ ڪرائڻ جي سازش آهي ۽ اليڪشن ڪميشن واضح چيو آهي ته جيڪڏهن 50 سيڪڙو کان ٽرن آئوٽ گهٽ رهيو ته ٻيهر اليڪشن ڏانهن وينداسين ۽ اسان جو ملڪ معاشي طور ايترو ته ڪمزور آهي جو ٻيهر اليڪشن ڏانهن وڃڻ جي سٽ نه سهي سگهندو، هنن الزام هنيو ته پي ايس 54 جي تڪ تي ٿيندڙ واقعي ۾ پوليس پنهنجي ذميواري صحيح نموني سان نه نڀائي آهي ۽ جنهن جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button