اليڪشن 2013سکر

عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي، ڪمشنر سکر

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي، ڪمشنر سکر
عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي، ڪمشنر سکر
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي چيو آهي ته صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاءِ سکر ڊويزن ۾ انتظامن ۽ امن امان جي صورتحال کي وڌ ۾ وڌ بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن جڏهن اليڪيشن ڪميشن پاران جاري ٿيل ضابطه اخلاف جي خلاف ورزي ڪندڙ ن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي ۽ اليڪشن جي ضابطه اخلاف جي خلاف ورزي ڪندڙ الڪيشن 2013 ۾ حصو وٺندڙ اميدوار کي نا اهل پڻ قرار ڏئي سگهجي ٿو. هن اهڙو اظهار سچل آڊيٽوريم سچل اڪيڊمي خيرپور ۾ 2013 جي عام چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي هڪ اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته 2013 جي عام چونڊن ۾ اليڪشن ڪميشن پاران جديد سسٽم رائج ڪيو ويو آهي جنهن سان بوگس ووٽ ڪاسٽ نه ٿي سگهندا جڏهن ته طئي ٿيل اصولن ۽ ضابطه اخلاف جي پوئواري ڪرڻ لاءِ حڪومت جا سڀ وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. ڪمشنر سکر ڊويزن چيو ته اليڪشن مهم جي سلسلي ۾ مختلف اميدوارن پاران ڪارنر گڏجاڻيون، ريليون يا جلسا جلوس ڪڍڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کان لکت ۾ اجازت وٺڻ سان مشروط ڪيو ويو آهي جڏهن ته لاڳاپيل ضلعي جي ڊي سي متعلقه ضلعي جي ايس ايس پي کان صلاح مشوري کانپوءِ ڪنهن به اليڪشن مهم جي ريلي ، ڪارنر گڏجاڻي يا جلسي جي اجازت ڏئي سگهندو. ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ڪنهن به عام ماڻهو يا اليڪيشن جي اميدوار کي ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي نظر اچي ته متعلقه ضلعي رٽرننگ آفيسر کي ثبوت سان گڏ لکت ۾ شڪايت درج ڪرائي ۽ خلاف ورزي جي نوعيت ڏسي ڪري خلاف ورزي ڪندڙ خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيوته پولنگ اسٽيشن کان 400 ميٽر پري تائين الڪيشن ڪئمپ ڪرڻ جي اجازت هوندي جڏهن پولنگ اسٽيشن يا پولنگ بوٿ ۾ مقرر ڪيل سرڪاري عملدارن کانسواءِ ڪنهن به غير واسطيدار ماڻهو کي اندر اچڻ جي اجازت نه هوندي جيڪڏهن ڪو به اهڙي حڪم جي خلاف ورزي ڪندو ته اهو ٻن سالن تائين جيل حوالي ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته مختلف حساس پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ پاڪ فوج، رينجرس ۽ پوليس توڙي ٻين قانون نافظ ڪندڙ ادارن جا اهلڪار گشت ڪندا ته جيئن ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي يا اهڙي ڪنهن واقعي کي اڳواٽ ئي روڪي سگهجي. ان موقعي تي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اليڪيشن 2013 ۾ حصو وٺندڙ مخلتف پارٽين توڙي آزاد اميدوارن پنهنجن پنهنجن لاڳاپيل تڪن جي حوالي سان شڪايتون نوٽ ڪرايون جڏهن ته اهڙين شڪايتن جو ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز علي عباسي ۽ ڊي آءِ جي سکر سلطان احمد خواجه سختي سان نوٽيس وٺندي لاڳاپيل عملداران کي اليڪشن جي اميدوارن جي شڪايتن جي ازالي لاءِ حڪم جاري ڪيا. اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي، ايس ايس پي خيرپور نويد احمد خواجه، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طارق علي نظاماڻي، مختلف تعلقن جي اسسٽنٽ ڪمشنرس ۽ ٻين لاپايل کاتن جي عملدارن شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button