انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، مٽياري
 مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر  شفاف  بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام  مڪمل ڪيا پيا وڃن، ڊپٽي ڪمشنرڊپٽي ڪمشنر مٽِياري جناب فياض حسين عباسي اڄ پنهنجي آفيس ۾  هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته  ضلعي مٽِياري ۾ ٿيندڙ عام چونڊن کي پر امن ۽ شفاف  بنائڻ لاءِ سمورا گهربل انتظام  مڪمل ڪيا پيا وڃن جنهن تحت ووٽرن کي تحفظ کان علاوه سڀئي گهربل سهولتون فراهم ٿي سگهنديون .  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري ايندڙ  عام چونڊن جي   ڪيل ۽ هلندڙ انتظامن بابت  ٻڌايو  ته اليڪشن جي انعقاد  جي انتظامن کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي ، پاڪ آرمي ۽ پاڪ رينجرس ضلعي ۾ پهچي وئي آهي   ۽ انهن طرفان اليڪشن دوران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪيون وينديون _ ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته پولنگ عملي کي پولنگ اسٽيشنن تي پهچائڻ ۽ کين واپس وٺي اچڻ  لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪيو ويو آهي ۽ ٽرانسپورٽرن  کي  ڀاڙو  ڏنو ويندو جڏهن ته پولنگ اسٽيشنن تي سهولتون فراهم ڪرڻ جو عمل جاري آهي _ فياض  حسين عباسي ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ هڪ ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتي ڪا به شڪايت درج ڪرائي سگهجي ٿي _ هن چيو ته پولنگ اسٽيشنن جا پريزائينڊنگ آفيسر ڪنٽرول روم سان رابطي ۾ هوندا  ۽ هڪ مربوط رابطي جو نظام قائم هوندو._ ڊپٽي ڪمشنر اميد  ظاهر ڪئي ته  ايندڙ  عام چونڊون پر امن ماحول ۾ ٿي وينديون . ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري محمد علي بلوچ   نقشي جي مدد سان حساس ، انتهائي حساس ۽ نارمل پولنگ اسٽيشنن بابت ٻڌايو _ هن ٻڌايو ته  جامع  سيڪيورٽي  پلان مرتب ڪيو ويو آهي  . هن چيو ته ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي جي صورت ۾ ان جي ويڊيو رڪارڊنگ ڪئي ويندي _ ايس ايس پي مٽِياري چيو ته ڪنهن جي به منفي عمل سان قانون حرڪت ۾ ايندو .