ھنڱورجا

سگا دنيا جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم آهي، مرڪزي اڳواڻ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

سگا دنيا جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم آهي، مرڪزي اڳواڻ
سگا دنيا جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم آهي، مرڪزي اڳواڻ
سگا جي مرڪزي اڳواڻن خالد چنو، اسماعيل پهنور ،نور محمد سيال هنڱورجا پريس ڪلب ۾ سگا شاخ هنڱورجا جي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سگا دنيا جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم آهي جيڪا مختلف شعبن ۾ تمام وڏا ڪم ڪري پاڻ مڃرايو آهي هن وقت 300 کان وڌيڪ ستارا اسڪول سگا جي طرفان هلي رهيا آهن جن ۾ ٻارن کي معياري تعليم ڏني پئي وڃي هنن چيو ته سگا هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جتي رنگ ، نسل، ذات پات کان هٽي ڪري مظلوم مسڪين ، بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪري رهي آهي هر سال ملڪ جي مختلف شهرن ۾ طبعي امدادي ڪئمپون لڳايو وڃن ٿيون ان کان سواءِ سگا جي پليٽ فارم تي مختلف شهرن ۾ ڊسپينسريون قائم آهن. هنن وڌيڪ چيو ته سگا کي اڃا به وڌيڪ فعال ڪرڻ لاءِ ڀرپور نموني ڪوشش ڪئي پئي وڃي گڏجاڻي کي سگا شاخ هنڱورجا جي صدر عبدالسميع ڀنڀرو، جنرل سيڪريٽري مور سنڌي، خزانچي غلام شبير تنيو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button